پنهنجي نفس کي ڪم ۽ ڪوشش جي لاءِ تيار ڪرڻ:
ڪم ۽ ڪوشش حقيقي رغبت سان گڏ انجام ڏيڻ گهرجي ڇاڪاڻ ته جيڪڏهن ڪو ڪم نفساني مجبوري سان ڪيو وڃي ته ان جي فائدي کان گھڻو نقصان هوندو آهي.
انڪري مشڪل ڪمن ۾ ڪوشش ۽ جستجو ڪرڻ فقط انهن ماڻهن جي لاءِ ئي فائديمند آهي جيڪي نفساني لحاظ کان ان کي انجام ڏيڻ لاءِ تيار رهن ۽ جيڪي ماڻهون ايئين نه آهن انهن کي گھرجي ته اهي پهريان پنهنجي اندر ۾ نفساني امادگي پيدا ڪن.
بس فقط انهن کي ان بنا تي نيڪ ڪمن ۾ جستجو ۽ ڪوشش ڪرڻ کان هٿ نه روڪڻ گھرجي ته اهي ڪم انهن جي تبيعت جي مطابق نه آهن. بلڪه انهن کي نفساني خواهشن ۽ شهوتن جي مخالفت ڪرڻ گھرجي ايستائين جو انهن جو نفس، انهن جو عقل ۽ انهن جو وجود هڪ جهڙو ٿي وڃي ۽ ان کي نيڪ عمل انجام ڏيڻ جي طرف راهنمائي ڪري.
جيڪي انجام ڏنل جستجو ۽ ڪوشش جي ذريعي پنهنجي نفس کي عقل جو تابع بڻائيندا آهن ۽ پوري دلچسپي سان مشڪل ڪمن کي انجام ڏيندا آهن اهي ئي گھڻا اهم نتيجا حاصل ڪري وٺندا آهن.
ان لحاظ کان دين جي نامي گرامي شخصيتن پنهنجي نيڪ اهداف ۽ بلند مقصدن کي حاصل ڪرڻ لاءِ گھڻي جستجو ۽ ڪوشش ڪئي ۽ سندن نفس کي پنهنجي عقل جو تابع ۽ مطيع بڻايو، اهي ان جي ڪري ئي بلند مقامن تائين پهتا آهن.
انهن اهل بيت اطهارعليهم السلام جي فرمانن جي روشنيءَ ۾ ڪيتريون ئي مصيبتون برداشت ڪندي بلند علمي ۽ معنوي مقامَ حاصل ڪيا آهن.
انهن مضبوط پهاڙن وانگر هر طوفان جو مقابلو ڪيو ۽ ڪڏهن به ٿڪاوٽ جو احساس ڪري هار نه مڃي ۽ اهڙي طرح سدائين جستجو ۽ ڪوشش ڪندا رهيا.
بازديد امروز : 28580
بازديد ديروز : 145151
بازديد کل : 146220658
|