ڪم جي شرطن ۽ ان جي رڪاوٽن کي مد نظر رکون:
پنهنجي ڪمن جي نتيجي تائين پهچڻ لاءِ ڪمن جي شرطن ۽ وسيلن کي آماده ڪريون ۽ انهن جي لاءِ ضروري شين کي انجام ڏيون. پوءِ پنهنجي ڪمن جي نتيجي ۽ هدف تائين پهچڻ لاءِ ثابت قدم رهون. ڇوجو حضرت اميرالمومنين علي عليه السلام فرمائن ٿا:
(وَمَنۡ لا بَدَ الاُمُوۡرَ عَطِبَ[1])
جيڪو ڪم جي ساز و سامان کي آماده ڪرڻ کانسواءِ سختين کي برداشت ڪندو، اهو نابود ۽ هلاڪ ٿي ويندو.
هر سٺي پروگرام کي انجام ڏيڻ لاءِ ان جي شرطن ۽ اسباب کي فراهم ڪرڻ کان علاوه ان جي مشڪلات کان آگاهي حاصل ڪرڻ ضروري آهي ته جئين مشڪلاتون هدف تائين پهچڻ کان رڪاوٽ نه بڻجن سگھن.
ان بناء تي ڪم ۽ ڪوشش جي نتيجي تائين پهچڻ لاءِ اهڙين شين کي پنهنجي رستي تان صاف ڪريو جيڪي توهان جي ڪمن ۽ ڪوششن جي نتيجي کي تباه ۽ ختم ڪري ڇڏينديون آهن. هي به ممڪن آهي ته ڪا هڪ غلطي توهان جي سڄي محنت تي پاڻي ڦيري ڇڏي.
اڪثر ماڻهون پنهنجن مقصدن تائين پهچڻ لاءِ محنت ۽ جستجو ڪندا آهن پر ان جي باوجود به انهن کي فقط ڏکن ۽ مصيبتن کانسواءِ ڪجھ ناهي ملندو.
امير المومنين حضرت علي عليه السلام فرمائن ٿا:
رُبَّ سَاعٍ فِيمَا يَضُرُّه[2].
ڪڏهن ڪڏهن ڪو ڪم ۾ ڪوشش ڪندو ته آهي پر ان کي نقصان پهچندو آهي.
جيڪڏهن اسان هي چاهيون ٿا ته اسان جيڪو ڪم انجام ڏنو آهي اهو پنهنجي مقصد تائين پهچي ۽ اسان ان ڪم کي انجام ڏيڻ لاءِ جيڪي تڪليفون برداشت ڪيون آهن اهي بي نتيجا نه ٿين ته اسان کي ان ڪم جي راهه ۾ وڇايل رڪاوٽ وارين شين کان آگاه ٿڻو پوندو
هاڻي اسان نموني طور ضروري ڪمن جي راهه ۾ وڇايل رڪاوٽن ۽ مانع شين منجھان ٻن اهم شين کي ذڪر ڪيون ٿا:
بازديد امروز : 18904
بازديد ديروز : 145151
بازديد کل : 146210982
|