توسل خدا جي بارگاهه ۾ قرب جو وسيلو:
اهل بيت عليهم السلام سان توسل ڪرڻ خدا جي بارگاهه ۾ انسان جي عزت ۾ واڌاري جو سبب ٿيندو آهي ۽ خدا جي بارگاهه ۾ تقرب جو ذريعو آهي. ان ڪري ئي اسان پنهنجي ڪجھ دعائن ۾ خدا کان سوال ڪندا آهيون ته اهل بيت عليهم السلام سان توسل ڪرڻ جي ڪري اسان کي پنهنجي بارگاهه ۾ عزت وارو قرار ڏي ۽ پنهنجو قرب وارو مقام عطا فرماء.
حضرت امام زين العابدين عليه السلام پنهنجي هڪ دعا انجيليه ۾ فرمائن ٿا:
اللَّهُمَّ فَصَلِّ عَلَى مُحَمَّدٍ وَ أَهْلِ بَيْتِهِ الطَّاهِرِينَ وَ اجْعَلْنِي بِحُبِّهِمْ يَوْمَ الْعَرْضِ عَلَيْكَ نَبِيهاً وَ مِنَ الْأَنْجَاسِ وَ الْأَرْجَاسِ نَزِيهاً وَ بِالتَّوَسُّلِ بِهِمْ إِلَيْكَ مُقَرَّباً وَجِيها[1].
اي الله! دردو ۽ سلام محمد صلى الله عليه وآله وسلم ۽ ان جي پاڪ اهل بيت عليهم السلام تي نازل فرماء ۽ مونکي انهن سان محبت ڪرڻ جي ڪري قيامت جي ڏينهن عزت وارو قرار ڏي ۽ نجاستن ۽ پليتين کان پاڪ و پاڪيزه رک ۽ انهن سان توسل ڪرڻ جي ڪري پنهنجي نزديڪ مان ۽ عزت وارو قرار ڏي.
بازديد امروز : 21793
بازديد ديروز : 145151
بازديد کل : 146213871
|