ٻيو نڪتو:
هڪ ٻيو قابل توجھ نڪتو هي آهي ته ڪجھ توسلن ۾ توسل ڪرڻ وارو نه پاڪ روح جو مالڪ هوندو آهي ۽ نه ئي وري بيقراري، مشڪلاتن ۽ شديد پريشانين جي ڪري ان پنهنجي پاڻ کي گناهن جي جاذبه (ڪشش واري قوّت) کان آزاد ڪيو آهي. پر اهل بيت اطهار عليهم السلام پنهنجي علم ۽ ڄاڻ سان ان جي ماضي يا مستقبل ۾ ڪجھ شين (جيڪي اسان جي نظر ۾ نه آهن) کي ڏسندي اهڙن ماڻهن تي به نظر ڪرم ڪئي آهي جو هڪ اک ڇنب ۾ ڏکن ۽ سورن جي پهاڙن کي سرسبز ۽ شاداب باغيچي ۾ تبديل ڪري ڇڏيو آهي، ڇاڪاڻ ته هو هڪ ئي ڪرم واري نظر ۾ ذرّي کي چمڪندڙ سج ۾ تبديل ڪري سگھن ٿا.
به ذرّه گر نظر لطف بو تراب کند
به آسمان رود و کار آفتاب کند
ان نڪته تي غور ۽ فڪر ڪرڻ سان خبر پوي ٿي ته انسانن جي هدايت جي لاءِ ولايت ۽ امامت جي ذميداري اهو ئي شخص کڻي سگهي ٿو جيڪو تمام جھتن کان وسيع نظر رکندو هجي ۽ ان تي مڪمل طور تي مسلط هجي. ان صورت ۾ هو خاڪ جي ذرن کي به ناياب موتين ۽ گوهرن ۾ تبديل ڪري سگھي ٿو نه فقط خالي دعون سان ڪجھ حاصل ٿيندو آهي.
بازديد امروز : 18715
بازديد ديروز : 145151
بازديد کل : 146210793
|