يقين کي ٽوڙڻ واريون شيون
شڪ ۽ ترديد
جيڪو انسان شڪ ۽ ترديد ۾ مبتلا هجي اهو نہ رڳو پنهنجي معنوي اهميت کي ڌچڪو رسائيندو آهي بلڪه جيسيتائين اهو شڪ ۽ ترديد جو قيدي هوندو آهي تيستائين توقف ۽ جمود جي حالت ۾ بيٺو هوندو آهي اهوڪڏهن بہ معنوي ترقي نہ ٿو ڪري سگهي. اهو پنهنجي ڇوٽڪاري لاءِ پنهنجي دل مان شڪ ۽ترديد کي ڪڍي ڇڏي.
امام صادق عليه السلام جن فرمائن ٿا ته:
اُنْفُوا عَنْ نُفُوسِكُمُ الشُّكُوكَ[1].
پنهنجي نفس مان شڪن کي ڪڍي ڇڏيو.
اهڙيءَ طرح روحاني ۽ معنوي اهميتن کي حاصل ڪرڻ لاءِ ۽ انهن کي محفوظ ڪرڻ لاءِپنهنجي دل مان شڪ ۽ وسوسي کي ڪڍي ڇڏيو.
۽ ايمان ۽ يقين ڪامل حاصل ڪرڻ کان پوءِ پنهنجي عقيدن کي مضبوط ڪرڻ جي ڪوشش ڪريو نہ تہ پوءِ نہ رڳو توهان جا عقيدا متزلزل ٿيندا بلڪہ آخري زماني جي مصيبتن ۾ بہ شريڪ ٿي ويندوءُ ڇو تہ شڪ ۽ ترديد هڪ پاسي مصيبتن ۽الله پاڪ جي امتحانن جو سامان گڏ ڪندو آهي تہ ٻئي پاسي شڪ ۽ ترديد ۾ گرفتار ماڻهو ان امتحان ۾ ڪامياب نہ ٿي سڱهندا آهن.
اهلبيت عليهم السلام جي فرمانن ۽ حڪمن ۾ اسان کي پنهنجي دل مان شڪ ۽ترديد کي ڪڍڻ جو حڪم ڏنو ويو آهي ڇو تہ شڪ ۽ ترديد ۾ هرو ڀرو وهم ڪرڻ فتني “ فساد ۽ مصيبت جو سبب ٿيندو آهي امام جن مناجات مطيعين ۾ الله پاڪ جي بارگاھ ۾ هن ريت عرض فرمائن ٿا:
وَاَثْبِتِ الْحَقَّ في سَرائِرِنا فَاِنَّ الشُكُوكَ وَالظُّنُونَ لَواقِحُ الْفِتَنِ[2].
پالڻهار اسانجي اندر ۾ حق کي ثابت فرماءِ 1ڇو تہ شڪ ۽ وهم فتنو ايجاد ڪندا آهن
تاريخ جو مطالعو ڪرڻ سان ان حقيقت کي ڏسي سڱهجي ٿو تہ اسلام جي شروعات کان وٺي اڄ تائين جنهن فساد۽ فتني مسلمان معاشري کي گمراھ ڪيو آهي ان ۾ گهڻا ماڻهو اهڙا هيا جيڪي صراط مستقيم جي بابت پنهنجو يقين وڃائي ويٺا هيا ۽ شڪ ۽ ترديد ۾ گرفتار ٿي چڪا هئا.
حقيقت ۾ شڪ ۽ترديد اهڙن فتنن جو وسيلو آهو جيڪي گمراه ڪندڙآهن ۽ مصيبتن ۾ گرفتار ٿيڻ جو ذريعو آهن شڪ ۽ ترديد سان انسان فتنن ۽ مصيبتن ۾ گرفتار ٿيڻ کان
سواءِ ڱهڻو شڪ ڪرڻ وارن ۽ متزلزل ماڻهن لاءِ بہ فتنن۽ مصيبتن جا سبب گڏ ڪري ٿو.
بازديد امروز : 21643
بازديد ديروز : 145151
بازديد کل : 146213721
|