بحث جو نتيجو
اسان جي فڪر رڳو ان صورت ۾ اثرائتي ٿيندي جڏهن يقين جي صفت بہ ان سان گڏ هجي جيڪي ماڻهو بلند معنوي مرتبن ۽ معارف الاهي جي ڳولا ۾ هوندا آهن سي پنهنجي اندر ۾ يقين پيدا ڪرڻ وارا ڪارڻ بہ آڻيندا آهن جيڪي ماڻهو غيب جي دنيا سان لاڳاپو رکندا آهن اهي پنهنجي پاڻ ۾ يقين جي سَگھہ کي پيدا ڪندا آهن ۽ ان سَگھہ کي واڌارو ڏئي ان کي طاقتور بڻائڻ جي ڪوشش ڪندا آهن ڇو تہ يقين معنوي دنيا ۾ پهچڻ ۽ معنوي مقامات حاصل ڪرڻ جي پهرين شرط آهي يقين پيدا ڪرڻ جي ذريعي سان توهان پنهنجي زَنگ لڳلَ دل کي نئين زندگي ڏئي ڪري روحاني مرضن ۽ فڪري پليتيءَ کي ختم ڪريو اهڙيءَ ريت توهان جو اندر بہ اُجري ويندو ۽ الله پاڪ وٽ توهان جي عملن جي قيمت بہ وڌي ويندي، معارف حاصل ڪرڻ نفس جي اصلاح حاصل ڪرڻ ۽ اولياءالله جن جي ڪچهريءَ ۾ ويهڻ يقين پيدا ڪرڻ جو بهترين ذريعو آهي يقين جي حفاظت ڪرڻ جي پهرين شرط گناهن کي ترڪ ڪرڻ آهي ڇو تہ گناھ ۽ الله جي نافرماني ڪيترن ئي سالن جي ڪو شش سان حاصل ڪيل يقين کي ختم ڪري ڇڏيندا آهن.
گر عزم تو محكم و متين آمدهاست
در پرتو انوار يقين آمده است
تا نور يقين به دل نتابيد، كجا؟
سرپنجه عزم، از آستين آمده است؟
بازديد امروز : 23294
بازديد ديروز : 145151
بازديد کل : 146215372
|