(3) جهان ۾ عظيم تبديليون
مولا جي ظهور وقت زمين تي عظيم تبديليون وجود ۾ اينديون ، قرآن مجيد فرمائي ٿو :
”يَومَ تُبَدلُ الاَرضُ غَيرَ الاَرضِ “ (26)
ان ڏينهن جڏهن زمين هڪ ٻئي زمين ۾ تبديل ٿي ويندي
زمين ان وقت نئي طريقي سان ۽ نئي شرطن سان نه فقط زمين بلڪي ان زماني ۾عظيم۽ نيون تبديليون نظر اينديون.
اڄ جا دانشور ان نڪتي تي متفق آهن ته مادو ارتعاش (لڏڻ ) ڪري وجود ۾ ايندو آهي ، ان ارتعاش کي ڪيبل يا لهرن جي ذريعي سان (جيئن فوٽو آواز) پري پري وارين جڳهن تائين پهچائي سگھجي ٿو ، ان نتيجي ۾ )جيڪا مادي مان ٺهيلorganism انسان جي آرگنيزم (جڙاوت)
آهي ان کي ارتعاش (لوڏي) ۾ تبديل ڪري ۽ بجلي
(جي ذريعي سان دنيا جي هر ڪنڊ electronic(الڪٽرونيڪ)
تائين پهچائي سگھجي ٿو،
منهجي خيال ۾ ايندڙ ويجھي زماني ۾ (حتا فضائي سفرن کان به پهريان ) اهڙا طريقا ايجاد ڪري سگھبا جن ذريعي انسان جي جسم کي ارتعاش جي وسيلي ذرا ذرا ڪري انهن کي فضا ۾ موڪلي ۽ انهن کي اتي پاڻ ۾ جوڙي سگھبو . هاڻ اسان جا پڙهندڙ محترم پاڻ فيصلو ڪري سگھن ٿا ته انسان روح آهي ۽ انهي جو جسم مادي (اڻن) جي ذرات کان سواءِ ڪجھ به نه آهي ، جنهن جي ارتعاش کي گھٽ ڪري پنهنجي مرضي جي مطابق ان جسم کي مختلف صورتن (شڪلن) ۾ تبديل ڪري سگھجي ٿو.(27)
اهڙا ڏينهن پري نه آهن جن ۾ انسان پنهنجي جسم کي بجلي جي صورت ۾ تبديل ڪري ۽ ان تجربي کي مٿي بحث ٿيل طريقي سان تجربي هيٺ آڻي، ان کي ڏسڻ جي قابل ڪري ڇڏيندو،۽ ان تجربي کان ڪم وٺي دُور دراز علائقن ۾ انهن کي موڪلي جتي انهن ائٽمي مادن(آڻن) کي گڏ ڪري ٻيهر ان جسم کي پنهنجي اصلي حالت ۽ صورت ۾ آڻي سگھندو.
عقلي طاقتن جو عام طورتي ڪامل ٿيڻ جنهن کي روايات ۾ پڻ واضح ڪيو ويو آهي ، روح تمام مادي شيئن تي غالب اچي ويندي ، ان حالت مان تمام گھڻو فائدو کڻندا .
ان پُر عظمت ۽ اڻ سڃاتل دور ۾ ماڻهن جي زندگي ۽ ان جون ضرورتون هڪ ٻئي رنگ جون هونديون ،
ولايت اهل بيت جي ظهور جي روشني ۾ انسان جي ڄاڻ پنهنجي عظيم ۽ عالي ترين ممڪن مقام تائين پهچي ويندي ، انسان تمام آساني سان علم ۽ ڄاڻ جي تمام مرحلن (درجن) کان فائدو کڻندو ۽ جيڪي ڳجھا مسئلا خدا جي ولين ماڻهن کي تيار نه هجڻ ڪري بيان نه ڪري سگھيا آهن انهن کي پڻ روشن ڪندا . انهن ماڻهن لاءِ تربيت ۽ ڪمال تائين پهچڻ لاءِ آخري رستو به کولي ڇڏيندا، شايد اسان لاءِ ان قسم جي مطلبن کي قبول ڪرڻ ڏکيو هجي ۽ علمي ميدان ۾ به جيڪا ترقي ٿي آهي ان کي قبول به نه ڪري سگھون .
جڏهن ته حقيقت اها آهي ته اگر انسان فڪر شيطاني ۽
جهالت جي قيد منجھان آزاد ٿي وڃي ، ته ان جو لازمو اهو ٿيندو ته انسان زندگي ۾ تمام تر مرحلن ۾ ڪمال حاصل ڪري وٺندو . ايتري تائين جو دنيا ۾ ڪوبه راز ان کان لڪيل نه رهندو
تمام تر ڏکين مسئلن جو بهترين حل ان جي سامهون هوندو. مولا علي (ع) هن ريت فرمايو آهي :
” يٰا ڪُمَيل ، مٰا مِن عِلم الّٰا وَاَنا اَفتَحُہُ وَمٰا مِن سِرّ الّٰا وَالقٰائِمُ يَختِمُہُ ُ“ (28)
” اي ڪميل ، ڪوبه اهڙو علم ڪونهي جنهن کي آءُ واضح نه ڪيو هجي ۽ ڪوبه راز اهڙو ڪونهي مگر جنهن کي قائم آل محمد(ع) (ارواحنا فداه) پنهنجي انجام تائين نه پهچايو هجي “
ان وقت جڏهن حضرت بقيت الله الاعظم (ارواحنافداه) جي هٿن مان چمڪندڙ نور دنيا جي تڪليفون ڏٺل ماڻهن کي بلند ترين درجن تي پهچائي ڇڏيندو ، ان وقت انسان پنهنجي پوري سگھ ۽ عقل جي طاقت ۽ سمجھ سان خاندان وحي جي حيات بخش نور جي مدد سان علم ۽ ڪمال جي آخري حد تائين پهچي ويندا . ان پُر عظمت زماني ۾ تمام لڪيل راز ظاهر ۽ واضح ٿي ويندا ۽ هن زماني جي اونداهين ۽ ڪشمڪشن کان نجات حاصل ٿيندي .
ڇا ڀلا! اهڙي ڏينهن جو انتطار اسان جي دلين کي پاڪيزگي ۽ خلوص ڪونه بخشيندو؟
(26) سوره ابراهيم آيت 48
(27) روح زنده مي ماند ص 158
(28) بحارالانوار ج 77 ص 269
بازديد امروز : 25883
بازديد ديروز : 145151
بازديد کل : 146217961
|