نتيجو
انتظار ، اها حالت آهي جيڪا انسان کي اميد ۽ نجات ڏيندي آهي ، انتظار ڪندڙن کي غَيبت جي زماني جي اونداهين کان نجات ڏيندڙ ۽ انهن کي روشن ۽ پاڪ وادي ڏانهن هدايت ڪرڻ وارو آهي .
انتظار ، ڏکايل ماڻهن کي هڪ نئين زندگي ۽ نئين سگھ ڏيندو آهي ، مرجھايل دلين کي اميد ڏياري خوشي ۽ نوراني زماني کي انسان جي دماغ ۾ جنم ڏيندو آهي ، انهن جي دلين ۾ هدايت ۽ نور کي پيدا ڪندو آهي .
انتظار ، معرفت جي ڄاڻ جي ٻج ۽ شيعت جي اصلي اعتقادن (يقين) کي انتظار ڪندڙن جي دلين ۾ بلندين تي پهچائي ڇڏيندو آهي ۽ معنويت جي بلند مقام کي سٺن انسانن لاءِ تحفي ۾ آڻيندو آهي.
اگر اوهان چاهيو ته انتظار جي حالت پنهنجي اندر ۾ ايجاد ڪري ان کي مضبوط ڪيو، ته ان لاءِ ضروري آهي ته ولايت جي عظيم ۽ بلند مرتبي سان اُنس ۽ محبت رکو، ۽ انتظار جي حيرت ۾ وجھندڙ اثرن ۽ ڪمالات کان واقفيت حاصل ڪيو. ۽ معنوي بلندين تي پهتل انتظار ڪرڻ وارن جي حالتن ۽ صفتن جي ڄاڻ حاصل ڪيون. ۽ حضرت بقيت الله (ارواحنافداه) جي ظهور واري زماني جي برڪتن کان پنهنجي دل ۽ جان کي واقف ڪيون جيڪي انتظار جي رستي تي عمل ڪري رهيا آهن انهن جي حالتن جي باري ۾ ڄاڻ حاصل ڪري پاڻ کي ان لاءِ تيار ڪيون ، جيئن اهو اسان کي پنهنجي هنج ۾ جڳهه ڏئي سگھي .
(فارسي شعر ذوق وارن لاءِ )
روز محشر ڪ زهولش سخنان مي گويند
راست مي گويند ولي چون شب هجران تو نيست
بازديد امروز : 22517
بازديد ديروز : 145151
بازديد کل : 146214596
|