سخت مشڪلات جو هاڪاري ڪردار
الله جي ولين، عظيم ماڻهن ۽ عارفن جي زندگيءَ کي معراج تائين پهچائڻ ۾ مصيبتن ۽ ڏکن جو وڏو ڪردار آهي. جيتوڻيڪ ڪيترائي ماڻهو مختلف قسمن جي فتنن ۾ گمراه ٿي ويندا آهن پر انهن جي ذات به فنا ٿي ويندي آهي. حقيقي انسان نه رڳو پاڻ کي فتنن ۾ مبتلا ٿيڻ سان سنواريندا آهن پر خود سازي انجام ڏئي عظيم مرتبن تي رَسندا آهن.
حضرت اميرالمومنين علیه السلام جن فرمائن ٿا ته :
ستکون فتنـة یُحصّل الناس کما یُحصّل الذهب فی المعدن.[1]
جلد اهڙا فساد ٿيندا جيڪي ماڻهن کي اُتَم سون جيان خالص ڪندا.
گهٽ قيمت سون کي قيمتي سون ٿيڻ ۾ هزارين سال لڳندا آهن. جيتوڻيڪ ڪجهه فتنا ايترا ته موءثر هوندا آهن جو ٿورڙي مدت ۾ حقيقي انسانن کي پاڪ ڪري ڇڏيندا آهن ۽ ٿورڙي مدت ۾ ڪيترن ئي گهٽيا ماڻهن کي هلاڪ ۽ نابود ڪري ڇڏيندا آهن.
حقيقت ۾ اهڙا فساد ڪوتاهين جي پورائي ڪندا آهن ۽ انهن ۾ موجود پست صفتن کي قيمتي صفتن ۾ تبديل ڪندا آهن ڇو ته اهي فتنن ۾ رهڻ جا عادي نه رهندا آهن پر انهن ۾ پاڻ جلائي ڪري پنهنجي خود سازي ( اصلاح) ڪندا آهن ۽ انهن ۾ تيزي اچي ويندي آهي.
جيتوڻيڪ معدن ۾ گهٽ قيمت سون کي نجُ سون ٿيڻ ۾ هزارين سال لڳندا آهن.([2]) پر باھ ۽ ڪندن هڪ ڪلاڪ ڪان به گهٽ ۾ ان کي اُتم سون بڻائيندا آهن.
اهڙيءَ ريت جن ماڻهن کي خود سازي ( اصلاح ) ۽ تهذيب نفس لاءِ هزارين سالن جي ضرورت هوندي آهي ڪڏهن فتنا انهن کي مختصر مدت ۾ ان مقصد ۾ ڪاميابي بخشيندا آهن. ۽ انهن جي خامين کي دور ڪندا آهن.
[1]. احقاق الحق : 13 / 288 ، مستدرک نيشابوری : 4 / 553.
بازديد امروز : 0
بازديد ديروز : 113248
بازديد کل : 143831980
|