امام صادق عليه السلام : جيڪڏهن مان هن کي ڏسان ته (امام مهدي عليه السلام) ان جي پوري زندگي خدمت ڪيان هان.
ڇا امام زمان (عجّل الله تعالی فرجه الشریف) جي مددگارن (313 ساٿين) جو مرتبو ۽ مقام هڪ جهڙو آهي؟

ڇا امام زمان عجّل الله تعالی فرجه الشریف جي مددگارن

(313 ساٿين) جو مرتبو ۽ مقام هڪ جهڙو آهي؟

ڇا اصحاب امام زمان عجّل الله تعالی فرجه الشریف مرتبي ۽ مقام جي اعتبار سان هڪ جهڙا آهن ۽ درجي جي اعتبار سان سڀئي هڪ جهڙا شرائط رکن ٿا؟ يا معنوي مقام جي اعتبار کان انهن جي درميان فرق آهي.

جواب:

کوڙ ساري روايتن ۾ اصحاب امام زمان عجّل الله تعالی فرجه الشریف جون خُصُوصِيتُون بيان ٿيون آهن ۽ ڪجهه روايتن ۾ انهن جي درجن جي مختلف هجڻ جي پڻ تصريح ٿي آهي، نموني جي طور تي انهن روايتن جي ذريعي استدلال ڪري سگهجي ٿو جيڪي ظهور جي ڏينهن 313 افراد  جي مڪي ڏانهن وڃڻ جي ڪيفيت جي باري ۾ وارد ٿيون آهن.

هڪ روايت جي مطابق انهن منجهان 45 ماڻهو ظهور کان ٿورو اڳ ۾ ۽ ان کان پهرين ته نداءِ امام زمان عجّل الله تعالی فرجه الشریف ڪعبي جي طرف کان سندن ظهور جي خوشخبري بڻجي ڪري ماڻهن جي ڪنن تائين پهچي، پنهنجي پاڻ کي مڪي پهچائيندا.

۽ انهن منجهان ڪجهه ٻيا ظهور جي رات کان پهرين پنهنجي گهرن ۽ پنهنجي بسترن تان غائب ٿي ڪري طي الارض جي ذريعي پنهنجي پاڻ کي مڪي پهچائيندا ۽ ڪجهه ٻيا ظهور جي ڏيهاڙي نداءِ امام عجّل الله تعالی فرجه الشریف کان اڳ ۾ ڪَڪرن جي وسيلي پنهنجي پاڻ کي امام عجّل الله تعالی فرجه الشریف جي خدمت ۾ پهچائيندا.

روايتن منجهه پڌرو ڪيو ويو آهي ته اهي ماڻهو جيڪي ڪَڪرن جي ذريعي پنهنجي پاڻ کي سنسار جي ڪنڊ ڪڙڇ مان امام زمان عجّل الله تعالی فرجه الشریف جي خدمت ۾ پهچائيندا، انهن ماڻهن کان افضل ۽ برتر آهن جيڪي طي الارض جي وسيلي پنهنجي پاڻ کي مڪي پهچائيندا.

ان بنا تي اهو چئي سگهجي ٿو ته: سڀئي 313 افراد هڪئي مقام ۽ مرتبي تي فائز آهن.

ان باري ۾ ڳپل روايتون موجود آهن جيڪي پوري طرح هن مطلب کي ثابت ڪن ٿيون.

 

دورو ڪريو : 3216
اج جا مهمان : 0
ڪالھ جا مهمان : 19236
ڪل مهمان : 128319494
ڪل مهمان : 89249686