امام صادق عليه السلام : جيڪڏهن مان هن کي ڏسان ته (امام مهدي عليه السلام) ان جي پوري زندگي خدمت ڪيان هان.
ظهور ڇاڪاڻ؟

ظهور ڇاڪاڻ؟

اللهم عجل لوليک الفرج و العافيه والنصر و جعلنا من خير اعوانه و انصاره و المستشهدين بين يديه

ظهور هڪ اهڙو لفظ آهي جنهن کي اسلام ۽ تشيّع جي دنيا ۾ هڪ اهڙي معلول جي عنوان سان ياد ڪيو وڃي ٿو جيڪو جهان کي هلائي ۽ سيٽ ڪري سگھي ٿو؛ پر امام عصر عجل الله تعالي فرجه الشريف جي ظهور کان پوءِ ڇا ٿيندو جو امامعليه السلام  جي ظهور کي هڪ معلول جي عنوان سان ياد ڪيو وڃي ٿو؟

«ظهور کان پوءِ اهڙو زمانو ٿيندو جو فقر، تنگدستي، ڏاڍائي، دوکي ۽ پستيءَ جو وجود رُوءِ زمين تي ڳولهيو نه لڀندو، عدالت ۽ انسانيت جو جھنڊو هن سموري سنسار ۾ ڦڙڪندو ۽ لهرائيندو.

اهڙو زمانو جو راضپو ۽ خوشي ڪائنات جي سمورن انسانن کي پنهنجي لپيٽ ۾ گھيري ويندي اهڙي ريت جو حڪومت کان ڪنهن به قسم جي نارضايتي ۽ ناراضگي نه هوندي ۽ انساني معاشرو ان زماني ۾_ هر گروهه، قبيلي ۽ هر قوم ۽ ملت کان _ ان امامعليه السلام  جي خدائي عدالت ڀري حڪومت کان راضي ۽ خوشحال هوندو.

عدالت اهڙن موردن منجھان آهي جو امامعليه السلام  جي ظهور کان پوءِ  پنهنجي معنيٰ پائيندي نه صرف ظلم ۽ بدعتون ختم ٿي وينديون بلڪه ظلم ۽ بدعتن جا آثار پڻ ختم ٿي ويندا جن کي ماڻهن انجام ڏنو هوندو.

قضاوت، ملڪن جي اقتصادي ترقي، بيمارين جو ختم ٿيڻ، عقلن جو مڪمل ٿيڻ، معنوي تڪامل، علم ۽ ثقافت جو تڪامل ٻين موردن منجھان آهن جيڪي ظهور کان پوءِ پنهنجي حقيقي معني ماڻيندا. مزي جي ڳالهه هيءَ ته ظهور جو بحث فقط اسلام ۽ تشيّع ۾ معنيٰ نٿو رکي، بلڪه سڀني دينن ۾ ٿورو گھڻو ظهور جو بحث  ٿئي ٿو«.

 

حوالو: ڪتاب: دولت ڪريمه امام زمان عجل الله تعالي فرجه الشريف،

 تاليف: سيد مرتضي مجتهدي سيستاني

والسلام عليکم و رحمه الله

شمسي مهينو مرداد 1388

قمري مهينو رجب سال1430.

حوالو: ولايتِ آئمهعليهم السلام  سائيٽ

دولت ڪريمه امام زمان عجل الله تعالي فرجه الشريف، نالي ڪتاب کان نقل ڪندي.

 

 

دورو ڪريو : 3621
اج جا مهمان : 0
ڪالھ جا مهمان : 20823
ڪل مهمان : 127590389
ڪل مهمان : 88867213