امام صادق عليه السلام : جيڪڏهن مان هن کي ڏسان ته (امام مهدي عليه السلام) ان جي پوري زندگي خدمت ڪيان هان.
دعاءِ غيبت جي هن جملي (وصبّرنی علی ذلک حتی لا احبّ تعجیل ما اخّرت ولا تأخیر ما عجّلت)

سوال :

 دعاءِ غيبت جي هن جملي

(وصبّرنی علی ذلک حتی لا احبّ تعجیل ما اخّرت ولا تأخیر ما عجّلت)

جي اعتبار سان تعجيل جي باري  دعا ڪرڻ ۾ منافات پاتي وڃي ٿي يا نه ؟

جواب :

دعاءِ غيبت ۾ موجود جملي سبب امام زمانه  عجّل الله تعالی فرجه الشریفجي ظهور جي باري ۾ دعا ڪرڻ ۾ ڪوئي ممانعت  ناهي، جڏهن ته دعا ڪرڻ وقت اسان کي معنى جي طرف توجهه ڪرڻ گهرجي.

وڌيڪ وضاحت لاءِ اسان چوندا سين ته :

جو به انسان امام زمانه   عجّل الله تعالی فرجه الشریفجي باري ۾ دعا گهري ٿو ، دعا گهرڻ ٻن مقصدن کان خالي ناهي

  1. خدايا ! امام زمانهعجّل الله تعالی فرجه الشریف   جي ظهور ۾ جلدي فرماءِ چاهي شرطون موجود  نه هجن.
  2. خدايا ! امام زمانه عجّل الله تعالی فرجه الشریف جو ظهور جلدي فرماءِ ۽ ظهور جون شرطون به مهيا فرماءِ.

جيڪڏهن دعا ڪرڻ واري جو مقصد پهريون  قسم هجي ته يعني هو چاهي ٿو ته امام زمانهعجّل الله تعالی فرجه الشریف  جو ظهور ٿي ۽ هو امام سان گڏ هجي. ۽ امام جي نصرت ڪري پوءِ ڀلي ظهور جون شرطون موجود هجن يا نه ، اِن کي اهڙي  ظهور جي نتيجي سان ڪائي دلچسپي ناهي، هو چاهي ٿو ته ظهور ٿئي پوءِ بغير شرطن جي ئي ڇو نه . هن کي ان جي نتيجي جي پرواه ناهي ته متان اِهو امام جي جلدي شهادت جو ڪارڻ بڻجي. حقيقت ۾ ان کي پاڻ کي ظهور جي جلدي آهي نه ڪي هو خدا کان ظهور جي  باري ۾ دعا ڪري رهيو آهي ته ظهور جا سبب جلدي مهيا ٿين ته جيئن امام جو ظهور جلدي ٿئي.

واضح رهي ته ان قسم جي ظهور لاءِ دعا ڪرن صحيح ناهي ڇو ته اهو دعا ڪرڻ واري جي هلاڪت جو ڪارڻ ٿيندو ۽ اهو پڻ «هلک المستعجلون»  ۾ شامل ٿيندو.

ان ڪري ان قسم جي دعا انسان جي نفسياتي خواهشن جو نتيجو آهي نه مشيت الاهي.

۽ اها دعا هن جملي «وصبّرنی علی ذلک حتی لا احبّ...» (جمال الاسبوع : 315) سان منافات رکي ٿي.

ٻيو قسم : اگر دعا ڪرڻ واري جي امام زمانه عجّل الله تعالی فرجه الشریف جي ظهور ۾ تعجيل جي دعا  مان  مراد  هي هجي ته ٻاجهارو ٻاجهه ڌڻي پنهنجي فضل سان امام جي ظهور جي شرطن کي فراهم فرمائي، ان قسم جي دعا دعاءِ غيبت سان ڪا به منافات نه ٿي رکي. ڇو ته دعا ڪرڻ وارو  الله پاڪ کان امام جي ظهور جي دعا  ڪري رهيو آهي ته پنهنجي ٻاجهه سان جلدي امام عجّل الله تعالی فرجه الشریف جي ظهور جون شرطون مهيا فرمائي ته جيئن جلدي پنهنجي آقا جي ديدار سان اکين کي منور ڪري. ان قسم جي دعا ۾ يقيني طور  رب جي رضا پڻ شامل آهي. الله پاڪ قرآن مجيد ۾ فرمائي ٿو ته : :

 «... فقل انما الغیب لله فانتظروا انی معکم من المنتظرین» (سورۀ یونس ، آیۀ 20) .

بس جيڪڏهن غيبت ڊگهي ٿي وئي آهي ۽ ظهور ۾ دير، ته الله سائين جي طرفان دير سبب پيدا نه ٿيڻ ڪري آهي. ۽ ماڻهو امام زمانهعجّل الله تعالی فرجه الشریف  جي ظهور ، سببن جي فراهم ٿيڻ ، امام جي 313 صحابن جي پوري ٿيڻ ۽ پنهنجي اصلاح (خود سازي) لاءِ گڏجي دعا ڪين پيا گُهرن جيڪي ظهور ۾ جلديءَ جا ڪارڻ آهن. ان سان نه رڳو ظهور ۾ جلدي ٿيندي پر انسان پنهنجي وظيفي کي به انجام پيو ڏئي. جيتوڻيڪ هو ٻاجهاري رب کان دعا گهري ٿو ته پنهنجي ٻاجهه ڪري ظهور جي سببن جي فراهمي فرمائي سگهي ٿو. هو خدا کان ظهور ۾ بغير سببن جي تعجيل جي دعا نه ٿو گهري جيڪا رب جي رضا جي پڻ خلاف آهي.

ان ڪري جو الله پاڪ ڪڏهن به اهڙي ظهور ۾ دير ناهي فرمائي جنهن جا اسباب مڪمل ٿيا هجن.

الله جي رضا سميت ظهور لاءِ دعا ڪرڻ  وارن لاءِ ، ظهور ۾ دير ٿيڻ، دعا ڪرڻ سان ٽڪراءُ ڪانه ٿي رکي . جيڪڏهن  ظهور جي دعا ڪرڻ وارن جي  ظهور ۾ تعجيل مان مراد اهڙو ظهور هجي جيڪو  اسبابن جي فراهمي سان گڏ  هجي ته اها دعا مالڪ جي مرضيءَ  جي مخالف به نه آهي.

حقيقت ۾اها دعا  الله جي طرفان هڪ  مهم ڪم آهي جيڪو انسانن تي فرض ڪيو ويو آهي جيئن فرمان به آهي ته :

إنّ الدعاء یردَ القضاء ولوم ابرم ابراما.

دعا الله جي طرفان نازل ٿيندڙ يقيني بلا کي به ٽاري ڇڏي ٿي.

 جيڪڏهن ڪنهن جي فقر ۽ بيماريءَ ۾ رب جي رضا هجي ۽ فقر ۽ بيماريءَ ۾ ئي ان لاءِ ڀلائي هجي  ته الله پاڪ ان راھ کي ان لاءِ مهيا ڪندو آهي ته جيئن هو دعا ، گريه ۽ راز و نياز سان فقر فاقه کان نجات  حاصل ڪري ۽ رب جي طرف اڳتي وڌي.

يعني جيڪڏهن رب جي رضا ان ۾ هجي ته ظهور دير سان ٿئي ته الله سائين ماڻهن کي ان راه جي طرف هدايت ڪئي آهي ته هو ظهور ۾ تعجيل لاءِ  دعا ڪري رب جي رضا کي حاصل ڪن ۽ الله پاڪ جي مشيت ظهور ۾ تعجيل جو سبب بڻجي.

 

دورو ڪريو : 3627
اج جا مهمان : 13964
ڪالھ جا مهمان : 45443
ڪل مهمان : 128496907
ڪل مهمان : 89338404