امام صادق عليه السلام : جيڪڏهن مان هن کي ڏسان ته (امام مهدي عليه السلام) ان جي پوري زندگي خدمت ڪيان هان.
حقيقت کي سمجھڻ لاءِ ڪوشش ڪريو:

حقيقت کي سمجھڻ لاءِ ڪوشش ڪريو:

حقيقت تائين پهچڻ ۽ حق کي حاصل ڪرڻ لاءِ ڪوشش ڪرڻ گھرجي ۽ ان جي راهه جي مشڪلن ۽ تڪليفن کي برداشت ڪرڻ گھرجي. ڇاڪاڻ ته ڪوشش ڪرڻ، مشڪلن ۾ صبر ۽ انهن کي برداشت ڪرڻ کانسواءِ ڪڏهن به حقيقت کي سمهجي نٿو سگھجي.

اميرالمؤمنين حضرت علي عليه السلام فرمائن ٿا:

(وَ لَا يُدْرَكُ الْحَقُّ إِلَّا بِالْجِدِّ وَ الصَّبْر[1])

ثابت قدمي ۽ ڪوشش کانسواءِ ڪڏهن به حق کي سهجي نٿو سگھجي.

ان بنا تي حقيقت کي سمهجڻ لاءِ ڪوشش ۽ استقامت جي ضرورت آهي ته جئين اسان جا سڀ ڪم اهل بيت اطهار عليهم السلام کان صادر ٿيل حڪمن جي مطابق بڻجي وڃن.

ان بنا تي جيڪڏهن توهان پنهنجي وجود جي گوهر کان استفادو ڪرڻ چاهيو ۽ ان شيءِ کي ڄاڻڻ چاهيو جنهن کي هر هڪ سمجھڻ جي قدرت نٿو رکي ته پوءِ ان راهه ۾ ڪوشش ڪريو.

حضرت امام علي عليه السلام فرمائن ٿا:

(الْعَمَلَ، الْعَمَلَ، ثُمَّ   النِّهَايَةَ،  النِّهَايَة[2])

ڪم، ڪم! پوءِ نتيجو، نتيجو! (يعني پهريان ڪم پوءِ نتيجو)

جنهن اڃان تائين ڪو قدم نه کيون هجي يا ڪنهن ٻئي رستي تي راهي ٿيو هجي ته اهو ڪئين حقيقت کي سمهجي سگھي ٿو ۽ ڪئين پنهنجي منزل مقصود تائين پنهنجي سگھي ٿو؟

ان بنا تي دل کي دريا سان ملائڻ جي ڪوشش ڪريو ڇاڪاڻ ته نجاد جي ڪشتي دريا ۾ ئي آهي. يقين ڪريو جيڪو محبت جي دريا ۾ نجاد جي ڪشتي جو خدا هجي اهو ڪڏهن به بلائن ۾ گرفتار ٿي غرق نه ٿيندو.

هاڻي اسان جيڪو واقعو توهان جي سامهون بيان ڪيون ٿا اهو به انهن منجھان هڪ آهي:

مرحوم ابوالحسن طالقاني (پاڻ مرحوم مرزا شيرازي جي شاگردن منجھان آهن) بيان ڪن ٿا ته: آئون ڪجھ دوستن سان گڏ ڪربلاء جي زيارت ڪري سامره جي طرف وڃي رهيو هيس. ظهر جي ٽائيم اسان ”وجيل“ نالي گوٺ ۾ ترسياسين ته جيئن ماني کائڻ ۽ ڪجھ دير آرام ڪرڻ کانپوءِ عصر جي وقت اتان کان روانا ٿيون.

اتي اسان جي ملاقات سامره جي هڪ طالب علم سان ٿي جيڪو ڪنهن ٻئي طالب علم سان گڏ هيو. اهي منجھند جي مانيءَ لاءَ ڪجھ خريد ڪرڻ آيا هئا. مون ڏٺو ته جيڪو شخص سامره جي طالب علم سان گڏ هيو اهو ڪجھ چپن ۾ چئي رهيو هيو. مون غور سان ٻڌو ته مونکي معلوم ٿي ويو ته اهو عبراني زبان ۾ توريت جي تلاوت ڪري رهيو هو. مون کي تعجب ٿيو. مون سامره م رهڻ واري طالب علم کان پڇيو ته هي صاحب ڪير آهي ۽ ان عبراني زبان ڪٿان ياد ڪئي آهي؟

ان جواب ڏنو: هي شخص نئون مسلمان ٿيو آهي ۽ ان کان پهريان يهودي هيو.

مون چيو؛ ڏاڍو ڀلو؛ پوءِ يقينا ڪو واقعو ٿيو هوندو تون اهو واقعو ٻڌاءِ.

نئين مسلمان ٿيل طالب علم وراڻيو: هي واقعو ڊگهو آهي جڏهن پاڻ سامره ڏانهن روانه ٿينداسين ته آئون توهان کي اهو تفصيل سان واقعو بڌائيندس.

عصر جو وقت ٿي ويو ۽ اسان سامره ڏانهن راونگي ڪئي. مون ان کي چيو هاڻي توهان مون کي پنهنجو واقعو ٻڌايو. ان وراڻيو:

آئون مديني جي ويجھو خيبر جي يهودين منجھان هيس. خيبر جي چوڌاري ڪجھ گوٺ موجود آهن جاتي رسول خدا صلي الله عليه وآله وسلم جي زماني کان اڄ ڏينهن تائين يهودي آباد آهن انهن گوٺن ۾ لائبريري لاءِ هڪ ننڍي جڳهه هئي. جنهن ۾ هڪ پراڻو ڪمرو هيو. ان ڪمري ۾ توريت جو هڪ قديم نسخو رکيل هيو جيڪو چمڙي تي لکيل هيو. ان ڪمري کي هميشه تالو لڳل هوندو هيو، پهريان ماڻهن تاڪيد ڪئي هئي ته ڪنهن کي به ان ڪمري جو تالو کولڻ ۽ توريت پڙهڻ جي جازت نه آهي. مشهور اهو هيو ته جيڪو به ان توريت کي ڏسندو ان جو دماغ ڪم ڪرن ڇڏي ڏيندو ۽ اهو ديوانو ٿي ويندو ۽ خاص ڪري ڪو جوان ان ڪتاب کي نه ڏسي!

ان کانپوءِ ان چيو: اسان ٻه ڀائر هئاسين ۽ اسان سدائين سوچيندا هئا سين ته اسان کي ان قديم توريت جي زيارت ڪرڻ گھرجي. اسان ان شخص وٽ وياسين جنهن وٽ ان ڪمري جي چاٻي هئي ۽ اسان ان کي درخواست ڪئي ته اهو ڪمري جو دروازو کولي پر ان سختي سان منع ڪئي.

ڇاڪاڻ ته ”اَلۡاِنۡسَانُ حَرِيۡصُ عَلى مَا مُنِعَ“ يعني انسان کي جنهن شيءِ کان روڪيو وڃي اهو ان جي گھڻي لالچ ڪندو آهي. ان ڪري اسان ۾ ان ڪتاب جي پڙهڻ جو گھڻو شوق پيدا ٿي ويو. اسان ان کي ڪافي رقم ڏني ته جيئن هو اسان کي ان ڪمري م وڃڻ ڏي.

اسان جيڪو وقت معين ڪيو هو، ان جي مطابق اسان ٻَئِي ان ڪمري ۾ داخل ٿي ويا سين ۽ اسان آرام سان ان توريت جي زيارت ڪئي ۽ ان جو مطالعو ڪيو. ان ۾ هڪ صفحو مخصوص طور تي لکيو ويو هيو جيڪو گھڻو جاذب نظر اچي رهيو هو. جڏهن اسان ان تي غور ڪيو ته اسان ڏٺو ته ان تي لکيل هيو” آخري زماني ۾ عربن ڏانهن هڪ پيغمبر موڪليو ويندو“ ان ۾ ان جون تمام خصوصيتون ۽ اوصاف حسب ۽ نسب جي لحاظ کان بيان ڪيا ويا هئا. پڻ ان جي ٻارنهن وصين جا نالا به تحرير ڪيا ويا هئا. مون پنهنجي ڀاءُ کي چيو: بهتر هي آهي ته پاڻ هي صفحو لکي وٺون ۽ ان پيغمبر جي جستجو ڪيون. اسان اهو صفحو لکيو ۽ اسان ان پيغمبر جا عاشق ٿي وياسين.

هاڻي اسان جو ذهن فقط ان پيغمبر جي تلاش ڪرڻ جي باري ۾ سوچيندو هيو. پر ڇو جو اسان جي شهر کان ماڻهن جي اچ وڃ نه هئي ۽ رابطي ڪرڻ جو به ڪو انتظام نه هيو. ان ڪري اسان کي ڪابه شيءِ حاصل نه ٿي ايستائين جو ڪجھ مسلمان تاجر خريد ۽ فروخت جي لاءِ اسان جي شهر آيا. مون لڪي ڪري انهن منجھان هڪ شخص کان ڪجھ سوال ڪيا، ان شخص جيڪي رسول خدا 7 جا حالات ۽ نيشانيون ٻڌايون اهي سڀ ائين هيون جئين اسان توريت ۾ ڏٺيون هيون سين. آهستي آهستي اسان کي دين اسلام جي سچائيءَ جو يقين ٿيڻ لڳو. پر اسان ۾ ان جي اظهار ڪرڻ جي همٿ نه هئي. اميد جو فقط هڪ ئي رستو هو ته اسان پنهنجي شهر مان لاڏاڻو ڪري وڃون.

مون ۽ منهنجي ڀاءُ اتان ڀڄي وڃڻ لاءِ ويچار ڪندي اسان هڪ ٻئي کي چيو: مدينو هتان کان ويجھو آهي ٿي سگھي ٿو ته يهودي اسان کي گرفتار ڪري وڃن بهتر اهو آهي ته پاڻ مسلمانن جي ڪنهن ٻئي شهر ڏانهن حجرت ڪري هلون.

اسان موسل ۽ بغداد جو نالو ٻڌو هو. منهنجو بابو ڪجھ وقت پهريان فوت ڪري ويو هيو ۽ ان پنهنجي اولاد لاءِ وصي ۽ وڪيل معين ڪيو هو. اسان ان وڪيل وٽ وياسين ۽ اسان ان کان ٻه سواريون۽ ڪجھ روڪ پيسا به ورتا. اسان سوار ٿيندي جلدي عراق جي طرف سفر ڪرڻ شروع ڪري ڏنو اسان موصل جي اڊريس پڇا ڪئي. ماڻهن اڊريس ٻڌائي. اسان شهر ۾ وارد ٿياسين ۽ رات مسافر خاني ۾ گذاري.

صبح ٿي ته ان شهر جا ڪجھ ماڻهو اسان وٽ آيا ۽ انهن چيو: ڇا توهان پنهنجيون سواريون وڪڻڻ چاهيو ٿا؟ اسان جواب ڏنو ته: نه اڃان تائين اسان جي هن شهر ۾ ڪا خبر نه آهي. اسان انهن جي ڳالهه موٽائي ڇڏي. آخرڪار انهن چيو جيڪڏهن توهان انهن کي نه وڪڻندئو ته اسان توهان کان زبردستي وٺنداسين. اسان مجبور ٿي وياسين ۽ پنهنجيون سواريون وڪڻي ڇڏيون سين. اسان چيو هي شهر رهڻ جي قابل ناهي هلو بغداد ٿا هلو.

پر بغداد وڃڻ لاءِ اسان جي دلين ۾ هڪ قسم جو خوف هيو. اسان کي هي خوف هيو ته ڪاٿي اسان جي ڀڄي وڃڻ جي انهن کي خبر نه پئجي وئي هجي ۽ هو اسان کي ڳولهي نه وٺن.

بهرحال اسان بغداد ۾ داخل ٿي وياسين ۽ اسان رات جو مسافرخاني ۾ رهياسين. ٻئي ڏينهن صبح ٿي ته مسافرخاني جو مالڪ ڪمري ۾ آيو. جڏهن ته اهو هڪ ٻڍڙو شخص هيو ان اسان جي باري م پڇا ڪئي. اسان مختصر طور تي پنهنجو واقعو بيان ڪيو ۽ اسان ان کي ٻڌايو ته اسان خيبر جي يهودين منجھان آهيون ۽ اسان اسلام جي طرف رغبت رکون ٿا اسان کي ڪنهن مسلمان عالم دين وٽ وٺي هلو جيڪو اسلام جي باري ۾ اسان جي رهنمائي ڪري.

ان ٻڍڙي شخص جي چپن تي مسڪراهٽ ظاهر ٿي ۽ ان پنهنجي ٻنهين هٿن کي پنهنجي اکين تي رکندي وراڻيو: هائو، هلو بغداد جي قاضي جي گھر هلون ٿا. اسان ان سان گڏجي بغداد جي قاضي سان ملڻ لاءِ هليا وياسين. اسان پنهنجو مختصر تعارف ڪرائيندي پنهنجو واقعو ان سان بيان ڪيو ۽ اسان ان کان تقاضا ڪئي ته اهو اسان کي اسلام جي احڪامن کان آشنائي ڪرائي.

ان چيو: جي هان! پوءِ ان توحيد ۽ اثبات توحيد جي باري ۾ ڪجھ دليلَون پيش ڪيون، ان کانپوءِ رسول خدا 7 جي رسالت ۽ سندس خليفن ۽ صحابين جو ذڪر ڪيو.

ان چيو رسول خدا  صلي الله عليه وآله وسلم کان بعد عبد الله ابن ابي قحافه حضرت جو خليفو هو. مون چيو عبدالله ڪير آهي؟ مون جيڪي نالا توريت ۾ پڙهيا آهن هي نالو انهن منجھان نه آهي! بغداد جي قاضي چيو: هي اهو آهي جنهن جي نياڻي رسول خدا صلي الله عليه وآله وسلم جي گھرواري آهي. اسان وراڻيو: بلڪل ائين نه آهي؛ ڇاڪاڻ ته اسان توريت ۾ پڙهيو آهي ته پيغمبر صلي الله عليه وآله وسلم جو جانشين اهو آهي جنهن جي گھرواري رسول خدا صلي الله عليه وآله وسلم  جي نياڻي آهي.

جڏهن اسان ان کي اها ڳالهه ٻڌائي ته ان جي چهري جو رنگ پيلو ٿي ويو ۽ اهو غصي ۽ عضب سان  اٿي چيو: ان رافضي کي هتان کان ٻاهر ڪڍي ڇڏيو. ان مون کي ۽ منهنجي ڀاءُ کي ماريندي اتان کان ٻاهر ڪڍي ڇڏيو. اسان مسافرخاني ڏانهن واپس هليا آياسين. اتان جو مالڪ به ان ڳالهه تي ناراض هيو ۽ ان به اسان کان بي رخي اختيار ڪئي.

ان مولاقات ۽ قاضي سان ڳالهه ٻولهه ٿيڻ ۽ ان جي ان رويه کانپوءِ اسان حيرانيءَ ۾ پئجي وياسين ۽ اسان کي هيءَ خبر نه هئي ته ”رافضيءَ) جي ڇا معنى آهي ۽ قاضي اسان کي ڇو رافضي چيو ۽ اتان کان ٻاهر ڪڍي ڇڏيو.

منهنجي ۽ منهنجي ڀاءُ جي وچ ۾ هي گفتگو اڌ رات تائين هلندي رهي ۽ ڪجھ دير لاءِ غمگينيءَ جي حالت ۾ سمهي رهياسين. اسان مسافرخاني جي مالڪ کي سڏيو ته جيئن اهو اسان کي ان مشڪل کان نجات ڏي. ٿي سگھي ٿو ته اسان کي قاضيءَ جي ڳالهه سمجھ ۾ نه آئي آهي. ان چيو : جيڪڏهن توهان حقيقت ۾ آئين اسلام جا طلبگار آهيو ته جيڪو ڪجهه قاضي چوي ان کي قبول ڪريو.

اسان چيو: اها ڪهڙي ڳالهه آهي؟ اسان ته اسلام جي لاءِ پنهنجو مال، گهر، رشتيدار ۽ سڀ ڪجهه ڇڏي آيا آهيون اسان جو ان کانسواءِ ڪو به مقصد نه آهي.

ان چيو: هلو آئون توهان کي هڪ ڀيرو ٻيهر قاضي وٺ وٺي هلان ٿو. پر ان جي مرضي جي خلاف ڪا به ڳالهه نه ڪجو. اسان وري قاضي جي گھر هليا وياسين.

اسان جي ان دوست چيو: توهان جيڪو ڪجھ چوندئو هي قبول ڪندا.

قاضيءَ ڳالهه ڪرڻ شروع ڪري ڏني واعظ ۽ نصيحت ڪئي. مون چيو: اسان ٻئي ڀائر پنهنجي وطن ۾ ئي مسلمان ٿي ويا هئاسين ۽ اسان ايترو پري فقط ان ڪري آيا آهيون ته جئين اسان اسلام جي احڪامن جي ڄاڻ حاصل ڪري سگھون. ان کانسواءِ اسان جو ڪوبه مقصد نه آهي جيڪڏهن توهان اجازت ڏيو ته اسان جا ڪجھ سوال آهن؟ قاضي چيو جيڪو پڇڻ چاهيو ٿا پڇو.

مون چيو: اسان صحيح ۽ قديم توريت پڙهي آهي ۽ هاڻي آئون جيڪو ڪجهه به چوندس اهو اسان ان ئي ڪتاب مان لکيو آهي. اسان آخري پيغمبر (ص) ۽ ان جي خليفن ۽ جانشينن جا تمام نالا، صفتون ۽ نشانيون اتان ئي لکيون آهن. جيڪي اسان وٽ آهن پر انهن ۾ عبدالله ابن ابي قحافه جي نالي جھڙو ڪو به نالو نه آهي.

قاضيءَ چيو: ته پوءِ ان توريت ۾ ڪنهن جا نالا لکيل آهن؟ مون چيو: پهريون خليفو رسول خدا (ص) جو داماد ۽ سندس چاچي جو پٽ آهي. اڃان منهنجي ڳالهه پوري نه ٿي هئي ته هن اسان جي مٿان بدبختيءَ جا دُهُولَ وڄائڻ شروع ڪري ڏنا. اها ڳالهه ٻڌندي ئي قاضي پنهنجي ڪرسي تان اٿي بيهي رهيو ۽ جيستائين ان کي ٿي سگهيو ان پنهنجي جتيءَ سان منهنجي ۽ منهنجي ڀاءُ جي مٿي کي ماريو ۽ مون وڏي مشڪل سان پنهنجي جان ڇڏائي اتان کان ڀڄي وياسين، منهنجو ڀاءُ مون کان به پهريان تان کان ڀڄي ويو هو.

آئون بغداد جي گھٽين ۾ رستو ڀلجي ويس ۽ مونکي ڪابه خبر نه هئي ته مان پنهنجي ان خون سان رنگين چهري ۽ مٿي سان گڏ ڪاڏي وڃان. ڪجھ دير هلڻ کانپوءِ هلندي ماريندي درياء دجله جي ڪناري تائين پهچي ويس ڪجھ دير تائين اتي بيٺو رهيس پر مون محسوس ڪيو ته منهنجي پيرن ۾ بيهڻ جي طاقت نه رهي آهي. آئون ويهي رهيس ۽ پنهنجي غربت، بک، خوف ۽ پنهنجي تنهائيءَ تي روئيندي افسوس ڪري رهيو هيس.

اوچتو هڪ نوجوان هٿ ۾ به لوٺا کڻي دريا منجھان پاڻي ڀرڻ لاءِ آيو ان جي مٿي تي سفيد عمامو هيو اهو مون سان گڏ دريا جي ڪناري ويهي رهيو جڏهن ان جوان منهنجي اها حالت ڏٺي ته ان مون کان پڇيو: توکي ڇا ٿيو آهي؟ مون وراڻيو ته: آئون مسافر آهيان ۽ هتي مصيبت م گرفتار ٿي ويو آهيان.

ان چيو تون مونکي پنهنجو پورو واقعو ٻڌاءِ؟

مون چيو: آئون خيبر جي يهودين منجھان هيس. مون اسلام قبول ڪيو ۽ پنهنجي ڀاءُ سان گڏ هزارين مصيبتون برداشت ڪري هيستائين پهتاسين. اسان اسلام جا احڪام سکڻ چاهيون پيا پر ان منهنجو هي حال ڪيو آهي (ان پنهنجي زخمي چهري ۽ مٿي ڏانهن اشاور ڪيو).

ان فرمايو ته: آئون توکان پڇان ٿو ته يهودين ۾ ڪيترا فرقه آهن؟ مون چيو گھڻائي فرقه آهن.

ان فرمايو: ايڪهتر فرقه ٿي چڪا آهن. ڇا سڀ جا سڀ حق تي آهن؟

مون چيو: نه.

ان فرمايو: نصارى جا ڪيترا فرقه آهن؟

مون چيو: انهن م به مختلف فرقه آهن.

ان فرمايو: ٻاهتر فرقه آهن، ڇا انهن منجھان سڀ جا سڀ حق تي آهن؟

مون چيو: نه.

وري ان فرمايو: اهڙي طرح اسلام جا به ڪيترائي فرقه آهن. انهن جا ٽيهتر فرقه ٿي چڪا آهن پر انهن منجھان فقط هڪ فرقو حق تي آهي.

مون چيو: آئون به ان فرقي جي  جستجو ۾ آهيان، هاڻي تون ٻڌاءِ مونکي ڇا ڪرڻ گھرجي؟

ان مغرب جي طرف اشارو ڪندي فرمايو، ڪاظمين جي طرف وڃ ۽ پوءِ شيخ محمد حسن آل ياسين وٽ وڃ اهو تنهنجي حاجت پوري ڪري ڇڏيندو. آئون اتان کان روانو ٿي ويس ۽ ان ئي وقت اهو جوان ان جڳهه کان غائب ٿي ويو. مون ان کي ڳولڻ جي ڪوشش ڪئي پر ان جو ڪو نالو نشان نه مليو. مون کي ڏاڍو تعجب ٿيو. مون پنهنجي پاڻ کي چيو: هي جوان ڪير هيو ۽ ڪٿان جو هيو؟ ڇاڪاڻ ته گفتگو جي دوران مون جڏهن توريت ۾ لکيل پيغمبر ۽ ان جي جانشينن جي صفتن جي باري ۾ ڳالهه ڪئي ته ان فرمايو: ڇا تون هي چاهين ٿو ته آئون تنهنجي لاءِ اهي صفتون بيان ڪيان؟ مون عرض ڪيو: سائين توهان ضرور بيان ڪيو. ان انهن صفتن کي بيان ڪرڻ شروع ڪيو ته منهنجي دل ۾ اهو خيال آيو ته جئين خيبر واري توريت کي ان پاڻ لکيو آهي، جڏهن هو منهنجي نظرُن کان غائب ٿي ويو ته آئون سمجھي ويس ته هو ڪا وڏي بزرگ شخصيت هئي اهو ڪو عام  انسان نه هو. ان ڪري مونکي هدايت جو يقين ٿي ويو.

مون کي ان جي ڳالهين تي اعتبار ٿي ويو ۽ مون پنهنجي ڀاءُ جي ڳولا ڪرڻ شروع ڪري ڏني بالآخر اهو مونکي ملي ويو.

آئون بار بار ڪاظمين ۽ شيخ محمد حسن آل ياسين جو نالو وٺي رهيو هيس ته جئين ان جو نالو وسري نه وڃي.

منهنجي ڀاءُ مون کان پڇيو ته اها ڪهڙي ڳالهه آهي ۽ پوءِ مون ان کي پورو واقعو ٻڌايو. اهو ڏاڍو خوش ٿيو.

بالآخر اسان پڇا ڪندي ڪاظمين پهچي وياسين ۽ شيخ محمد حسن آل ياسين جي گهر پهچي وياسين. اسان شروع کان آخر تائين پورو واقعو ان جي سامهون بيان ڪيو. اهو شيخ بيهي رهيو ۽ گھڻو روئڻ لڳو ۽ منهنجي اکين کي چمندي فرمايو: تون انهن اکين سان حضرت ولي عصر (عج) جي جمال جي زيارت ڪئي آهي.

اهي ڪجھ ڏينهن شيخ محمد حسن جا مهمان رهيا ۽ شيعت جي حيات بخش عقيدن کان ڄاڻ حاصل ڪئي.

جي هان! اهي پنهنجي پوري شوق ۽ رغبت سان حق جي تلاش لاءِ نڪتا هيا جنهن جي لاءِ انهن ڪيتريون ئي تڪليفون برداشت ڪيون. پنهنجو گھر ۽ وطن ڇڏيو پر انهن پنهنجي ڪوشش ۽ جستجو جاري رکي ۽ آخر ۾ انهن کي حضرت امام زمانه (عج) جي عنايتن جي منزل ملي وئي.

اڄ به ڪيترائي ماڻهون شيعت جي حقانيت کان آگاهه آهن پر ڪجھ ٻين علتن جي ڪري اهي ماڻهون تشيع جي جھنڊي جي سائي ۾ نه ٿا اچن ۽ پنهنجي مذهب کان پري ٿا رهن. اسان هي جيڪو واقعو ذڪر ڪيو آهي اهو اهڙي قسم جي ماڻهن لاءِ هڪ نمونو آهي. انهن کي هن ڳالهه جي خبر هجڻ گھرجي ته:

نابرده رنج گنج ميّسر نمي شود

مزد آن گرفت جان برادر که کار کرد

جيڪڏهن اهي حقيقت جي ڳولا ۾ آهن ته انهن کي هر قسم جي مشڪلات کي برداشت ڪرڻو پوندو ۽ سڀاڻي جي انتظار ۽ مستقبل جي تمنا ۾ نه ويهن.

حضرت امام علي عليه السلام فرمائن ٿا:

 إِيَّاكُمْ وَ الْإِيْكَالَ بِالْمُنَى فَإِنَّهَا مِنْ بَضَائِعِ الْعَجَزَة[3]

پنهنجي ڪمن کي آرزن جي حوالي ڪرڻ کان پرهيز ڪيو ڇاڪاڻ ته ڪمن کي آرزن جي حوالي ڪرڻ جو سرمايو عجز ۽ ناتواني آهي.

هر که دانه نقشاند به زمستان در خاک

نا اميدي بود از دخل به تابستانش

ان بنا تي اهل بيت عليهم السلام جي حيات بخش دين جي عاشقن کي گھرجي ته پنهنجين اميدن ۽ آرزن کي ڇڏي ڪري حقيقت تائين پهچڻ لاءِ جستجو ۽ ڪوشش ڪن. ڇاڪاڻ ته جستجو ۽ ڪوشش عظيم ماڻهن جو عملي نعرو ۽ حقيقي اسلام جي نشاني آهي. ان لاءِ ئي ته چيو ويو آهي: ڪوشش ڪاميابي جي ڪونجي (چاٻي) آهي.

ڪم ۽ ڪوشش جي ذريعي پنهنجي ارادي کي مضبوط ۽ پختو ڪيو. توهان جي ڪوشش توهان جي شخصيت ۽ ارادي جي حڪايت ڪندي آهي. ڪم ۽ ڪوشش ڪيو ته جئين بيڪار خيالن ۽ شيطاني وسوسن کان بچي سگھو.

 


[1] . بحارالانوار؛ ج، 34، ص،131    

[2] . بحارالانوار؛ ج، 68، ص،190    

[3] . بحارالانوار: ج، 68،ص، 188

 

    دورو ڪريو : 2364
    اج جا مهمان : 46266
    ڪالھ جا مهمان : 72005
    ڪل مهمان : 129240949
    ڪل مهمان : 89757114