امام صادق عليه السلام : جيڪڏهن مان هن کي ڏسان ته (امام مهدي عليه السلام) ان جي پوري زندگي خدمت ڪيان هان.
خراب ڪمن جي عادت:

خراب ڪمن جي عادت:

ڪم ۽ ڪوشش جي رڪاوٽن منجھان هڪ رڪاوٽ گذريل ڪمن جي خراب عادت جو گھڻو هجڻ آهي. هي موثر ڪمن جي نتيجي بخش هجڻ جي راهه ۾ رڪاوٽ جي طور تي شمار ڪئي ويندي آهي ۽ ان جا ڪيترائي تجرباتي اثرات موجود آهن.

ان ڪري حضرت امام علي عليه السلام ان کي رياضتن جي آفت ۽ فعاليت کي نابود ڪرڻ وارو سمجھندي فرمايو آهي ته:

آفَةُ الرياضَةِ غَلَبَةُ العادَةِ[1]

عادت جو گھڻو هجڻ رياضت جي آفت آهي.

خراب ڪمن جي عادت مخلتف شين جي ڪم ۽ ڪوشش جي اثرات کي نست نابود ڪري ڇڏيندي آهي جهڙي ريت مختلف قسمن جا بيڪٽيريا ۽ جراثيم انسان جي بدن ۽ صحت جي لاءِ نقصان ڪار هوندا آهن اهڙي ريت خراب ۽ نا پسند ڪمن جي عادت ضروري شين جي اثرات ۽ نتيجن کي نابود ڪري ڇڏيندي آهي.

اسان کي مخلتف ڪمن جي نتيجن تائين پهچڻ ۽ پنهنجي ڪم ۽ ڪوشش کي نتيجي بخش هجڻ جي لاءِ نه رڳو فعاليت ڪرڻ  گھرجي بلڪه پنهنجي ڪوششن کي بي ثمر ڪرڻ واري سڀني خراب عادتن تي غلبو ڪرڻ گھرجي.

ان ڪري ئي حضرت امام علي عليه السلام فرمائن ٿا:

  الفضيلة غلبة العادة [2].

عادت تي غلبو ڪرڻ ، فضيلت آهي.

ان بناء تي انساني فضيلتن جي حصول لاءِ نه رڳو ڪم ۽ ڪوشش ڪرڻ گھرجي بلڪه خراب ۽ بيڪار عادتن تي به غلبو ڪرڻ گھرجي. جيڪڏهن ڪنهن خراب پاڻي جي حوض ۾ صاف پاڻي هاريو وڃي ته گندي پاڻيءَ جو حوض صاف پاڻي وجھڻ سان صاف پاڻي ۾ تبديل نه ٿيندو، ها: فقط ان صورت ۾ ممڪن آهي ته ايترو صاف پاڻي وڌو وڃي جو گندي پاڻيءَ تي غلبو ڪري وڃي ۽ گندي پاڻيءَ کي حوض مان ڪڍيو وڃي. ان صورت ۾ حوض جو پاڻي صاف ٿي ويندو.

خراب عادتون به ان گندي پاڻيءَ وانگر آهن جيڪي انسان جي وجود کي خراب ڪري ڇڏينديون آهن ۽ جڏهن انسان فضيلت وارو ٿي وڃي ته اهو پنهنجي وجود منجھان خراب عادتن کي صاف ڪري ۽ ان تي غالب اچي وڃي. پر جيڪڏهن ان جي مٿان ناپسنديده عادتون غالب اچي وڃن ته پوءِ سٺا ڪم گندي پاڻي جي حوض ۾ ان صاف پاڻيءَ وانگر ٿي ويندا جيڪي ان پاڻي جي گندگي کي ختم نه ڪري سگھندا آهن. بلڪه اهو صاف ۽ شفاف پاڻي ۾ گندو ٿي ويندو. پاڻي جي گندگي کي ختم ڪرڻ لاءِ ان ۾ ايترو صاف پاڻي وڌو وڃي ته جئين اهو گندي پاڻيءَ تي غالب اچي وڃي.

ناپسند يده عادتن کي دور ڪرڻ جي لاءِ ايتري قدر سٺا ڪم انجام ڏنا وڃن ته جئين پنهنجي پاڻ کان خراب عادتون پري ٿي وڃن نه ته سٺن ۽ پسنديده ڪمن جو ڪو به نتيجو حاصل نه ٿيندو.

ان بناٰء تي پنهنجي ڪمن ۽ فعاليت جي سٺي نتيجي حاصل ڪرڻ لاءِ ان جي رڪاوٽن کي پري ڪيو وڃي ۽ ان رڪاوٽن منجھان هڪ رڪاوٽ خراب ۽ غلط ڪمن کي انجام ڏيڻ جي عادت آهي.

مٿي ذڪر ٿيل قصي ۾ خيبر جي ٻن نوجوانن پنهنجي گذريل حالت جي عادت کان هٿ کيان جنهن جي نتيجي ۾ انهن فضيلت واري واٽ تي قدم وڌايو ۽ سعادتمندي واري زندگي حاصل ڪئي.

 


[1] . غررالحڪم: ص، 238

[2] . غررالحڪم؛ ص، 322

 

    دورو ڪريو : 2226
    اج جا مهمان : 40473
    ڪالھ جا مهمان : 72005
    ڪل مهمان : 129229365
    ڪل مهمان : 89745528