امام صادق عليه السلام : جيڪڏهن مان هن کي ڏسان ته (امام مهدي عليه السلام) ان جي پوري زندگي خدمت ڪيان هان.
صحيح ۽ سالم فڪر جا طريقا

صحيح ۽ سالم فڪر جا طريقا

1.دقت ، تامل، ۽سوچ جي ذريعي فڪر کي سالم ڪرڻ

    دقت ۽ غور ۽ فڪر  فڪرن جي بررسي ۽ تحقيق فڪر جي تصحيح ۽ غلط ۽ فاسد فڪر کي ختم ڪرڻ ۾ مهم ڪردار ادا ڪري ٿي الله جو مقرب ملائڪ جبرائيل پاڻ سڳورن لاءِ هڪ دعا کڻي آيو ته جيئن اها امت لاءِ نمعت ٿئي ۽ امت ان مان فائدو وٺي  ان دعا ۾ آيو آهي:

وَأَلْهَمْتَني رُشْدي بِتَفَضُّلِكَ، وَاَجْلَيْتَ بِالرَّجاء لَكَ قَلْبي وَاَزَلْتَ‏خُدْعَةَ عَدُوّي عَنْ لُبّي وَصَحَّحْتَ بِالتَّأْميلِ فِكْري.   (1)

پالهڻار تو پنهنجي ٻاجھ سان مونکي منهنجي  هدايت جو الهام ڪيو تو سان اميد رکڻ ئي منهنجي دل کي روشن ڪيو ۽ سوچ دقت ۽ تامل جي ذريعي منهنجي فڪر کي سالم ڪيئي

 

  2 .پيٽ ڀري کائڻ کان پرهيز ڪرڻ

فڪر کي صحيح ڪرڻ ۽ تامل ۽ دقت تي قدرت حاصل ڪرڻ لاءِ پيٽ ڀري کائڻ کان پرهيز ڪرڻ ضروري آهي ڇو ته جيڪڏهن کائڻ پيئڻ پنهنجي حد کان وڌي وڃي ته اهو فڪر کي فاسد ڪرڻ ۾ اثرانداز ٿيندو آهي فڪر جو سُڪون جسم جي سڪون سان ڳنڍيل آهي فڪر ان وقت ئي سڪون ۾ هوندي جڏهن پيٽ  جي ڀريل هجڻ جو احساس نه هجي تڏهن ئي انسان جو ذهن بُرين ۽ شيطاني فڪرن ۾ ٻُڏل رهڻ کان محفوظ رهندو .

حضرت امير المومنين جن فرمائن ٿا:

مَنِ اقْتَصَرَ في اَكْلِهِ كَثُرَتْ صِحَّتُهُ وَصَلُحَتْ فِكْرَتَهُ. (2)

جيڪو به کاڌي پيتي ۾ ضروري حد تائين اڪتفاء ڪري ته ان جي جسماني صحت به گھڻي ٿيندي ۽ فڪر به اصلاح  ٿيندي.

پيٽ ڀري کائڻ جي ڪري بدن جا بخار وڌي ڪري دماغ ڏانهن ويندا آهن ۽ شيطان جي نافذ ٿيڻ جي قدرت وڌي ويندي آهي انهيءَ ڪري ئي بريون ۽ فاسد فڪرون ۽ شيطاني وسوسه به وڌي ويندا آهن گھڻي کائڻ کان پرهيز ڪرڻ جي صورت ۾ بدن جا بخار گھثجي ڪري شيطان جي نفوذ جا رستا به گھٽجي ويندا آهن ۽ فڪر جي اصلاح ٿيندي آهي.

3فڪري اشتباهن  ۾ مُنڌل ماڻهن کان پرهيز ڪرڻ

صحيح ۽ سالم فڪر لاءِ اهڙن ماڻهن کان پري رهڻ ضروري آهي جيڪي فڪري اشتباهن ۾ مُنڌل هجن هر ڳالھ کي جلد قبول ڪرڻ وارن ماڻهن کان دوري انسان کي فڪري اشتباهن کان محفوظ رکي ٿي جلدي ڳالھ مڃڻ وارا ساده ماڻهو ۽ جيڪي ماڻهو جلدي ٻئي کان ڌوڪو کائين اُهي فڪري لحاظ سان ضعيف ۽ ڪمزور هوندا آهن .

     حضرت امير المومنين جن فرمائن ٿا:

    مَنْ ضَعُفَتْ فِكْرَتُهُ قَوِيَتْ غِرَّتُهُ. (3)

جن جي فڪر ضعيف هجي ان لاءِ فريب ۽ ڌوڪوکائڻ قوي ٿي ويندي آهي .

   ڪمزور فڪر انسان جي لاءِ ڌوڪي کائڻ جا امڪان فراهم ڪندي آهي ڇوته جڏهن اهڙن ماڻهن ۾ غور ۽ فڪر ڪرڻ جي سگھ گھٽ هوندي آهي ته پوءِ وهم ۽ خيال جي سگھ وڌي ويندي آهي ان ڪري اُهي ٻين جي راءِ ۽ نظرين کي جلدي قبول ڪندا آهن ڇو ته وهم ۽ خيال جو غلبو قبول ڪرڻ جي سگھ کي ايجاد ڪندو آهي پر سوچ ۽ فڪر دليل ۽ برهان قبول ڪرڻ جي حالت کي شرطن ۽ شروطن سان مڃيندي آهي انهيءَ ڪري ئي محمد وآل محمد جي فرمانن ۽ تعليمات ۾ فڪري اعتبار سان ضعيف ماڻهن سان اُٿ ويھ ۽ واسطي رکڻ کان منع ڪيو ويو آهي.

ته جئين انهن جي صُحبت جي ڪري انهن جا اشتباھ ٻين جي فڪرن ۾ منتقل نه ٿي وڃن.

تمرڪز، فڪر غور و فڪر جي قدرت ۾ واڌ جو سبب ٿئي ٿو

  جيڪو به غور ۽ فڪر ڪري رهيو هجي ان جي لاءِ ذهني اطمينان آرام ۽ سڪون ضروي آهي ڇو ته ذهني تشويش تمرکز فڪري کان مانع آهي ۽ جڏهن فڪر  متمرڪز (هڪ جاءِ تي) نه هجي ته ان جي طاقت گھٽجي ويندي آهي.

   تمرڪز۽ فڪر لاءِ پُر سڪون ۽ آرام وارو ماحول ۽ فضا هجي جيڪو فڪر جي مُحيط ۽ دائري کي وسيع ڪري اهڙيءَ ريت ئي هيجان ۽ روحي بَدسُڪوني به فڪر کي پوري طرح ڪنٽرول نٿا ڪري سگھن  جيڪڏهن تمرڪز۽ فڪر جي قدرت پيدا ٿي وڃي ته قوي ۽  قدر تمند فڪر حاصل ٿيندي ڇو ته  ان ۾ ڪوبه شڪ ۽ ترديد نه آهي جيڪو تمرڪز ۽ فڪر کي ڪيترين ئي حد تائين وڌائيندو آهي انهيءَ ڪري تمرڪز فڪري جو طريقو سکو ۽ ان جي وچ۾ ايندڙ رڪاوٽن کي بر طرف ڪريو.تمرڪز۽ فڪر انسان جي باطني ۽ روحي حالتن منجھان حاصل ٿيندي آهي انهيءَ ڪري ان کي تڪڙ ۾حاصل ڪرڻ  لاءِ مشق ڪريو ته جئين وقت گذرڻ سان گڏو گڏ اسان ۾ اها سَگھ پيدا ٿي وڃي ۽ اسان ان مان استفادو ڪريون ته ڪاميابيءَ تائين پهچڻ جا رستا اسان لاءِ کُلي ويندا.ڪيترائي دانشمند  ۽ محصلين نابغه طالبعلمن جي حالت تي ساڙ جو شڪار ٿي ويندا آهن ڇو ته اهي ذهين نه هجڻ جي ڪري ڪاوڙيل هوندا آهن ڪڏهن ته بعض ليکڪ هي عيقدو رکن ٿا ته.هڪ ذهين ۽ عادي يا عام ماڻهن جي فڪر ۾ فرق هي آهي ته نابغو پنهنجي ذهن کي خاص ۽ گھڻن طريقن سان استعمال ڪري انهن مان فائدو وٺندو آهي توهان به پنهنجي ذهن کي خاص ۽ گھڻن طريقن سان استعمال ڪري ان مان فائدو وٺڻ جي سگھ رکو ٿا”

ڪجھ ماڻهو اهو خيال ڪندا آهن ته نابغو ۽ ذهين ماڻهو ننڍپڻ کان ئي غير معمولي حافظي جو مالڪ هوندو آهي پر انهن جو اهو خيال صحيح نه آهي ڇو ته ڪيترن ئي ذهين ماڻهن ۾ وڏي ٿيڻ تائين ذهانت نالي ڪاشيءِ نه هوندي آهي ايستائين ڪجھ پنهنجي والدين ۽ تربيت ڏيڻ وارن جي نظر ۾ ٻاراڻي ذهن جا مالڪ هئا آئن اسٽائن جيڪو دنيا  ۾ ذهين ترين ماڻهو طور سڃا تو وڃي ٿو اهو به انهن ماڻهن منجھان هڪ آهي.

ڪيترن ئي ذهين ماڻهن پنهنجي ذهانت ۽ڏاهپ کي عمر جي آخري حصي ۾ سنواريو ڀلي جو ڪجھ ذهين ماڻهن ۾ ذهانت جون نشانيون آهن.

پر اها  ان ڳالھ جي دليل نه آهي ته سڀني ذهين ماڻهن ۾ ذهانت جون نشانيون ننڍ پڻ کان ئي ظاهر هونديون آهن ڇو ته جئين اسان عرض ڪيو سين  ته ٿي سگھي ٿو ته انسان فڪري سگھ مان فائدو حاصل ڪندي هڪ نئين فوق العادات ۽ استثنائي شخصيت جو مالڪ ٿي وڃي ذهني فڪر جو تمرڪز فڪر جي سگھ ۾ وڌيڪ فائدو حاصل ڪرڻ جو هڪ موثر طريقو ۽ رستو آهي فڪر ۽ تمرڪز فڪر ايترا ته اهم آهن جو اسان ان جي هزارن منجھان هڪ ڳجھ کي به ڳولي نه سگھيا آهيون فڪر کي جسم جي صورت ڏيڻ ۽ فڪر موجود ات کي ايجاد ڪرڻ اهڙن مسئلن  منجھان هڪ آهي جن جي ڄاڻ نه ٿي سگھي آهي جھڙيءَ ريت اسان روح جي حقيقت به کي نٿا ڄاڻيو اهڙي طرح فڪر جي حيقيقت به اسان لاءِ اڻڄاتل آهي  ڇو ته غور ۽ فڪر جو سرچشمو روح آهي ڇو ته جيڪو ماڻهو پنهنجي رُوح  وڃائي  ويهي  اهو تفڪر  ۽ تدبر تي قدرت نه  ٿو رکي بس روح منجهان فڪر پيدا ٿيندي آهي ۽ ذهن هڪ ذريعو آهي ۽ وسيلو آهي جنهن جي مدد سان روح انسان جي غور ۽ فڪر کي ظاهر ڪندي  آهي جھڙيءَ ريت اک روح جي لاءِ وسيلو آهي جو انسان روح تي تسلط جي ذريعي اکين سان شين کي ڏسندو آهي.

 


(1)  بحارالانوار 95/163

(2)  شرح غررالحکم 5/372

(3)  شرح غررالحکم 5/280

 

 

    دورو ڪريو : 2504
    اج جا مهمان : 354
    ڪالھ جا مهمان : 103128
    ڪل مهمان : 132263542
    ڪل مهمان : 91739540