امام صادق عليه السلام : جيڪڏهن مان هن کي ڏسان ته (امام مهدي عليه السلام) ان جي پوري زندگي خدمت ڪيان هان.
ٻن خطي ڪتابن جي نسخن جي لاءِ ڳولا ۽ توسل:

ٻن خطي ڪتابن جي نسخن جي لاءِ ڳولا ۽ توسل:

مرحوم سيد اسد الله اصفهاني جو چوڻ آهي ته: هڪ ڏينهن آئون محدث نوري (ره) سان گڏ ڪربلا مولا جي زيارت جو شرف حاصل ڪيو. رستي ۾ ٻن ڪتابن جو نالو وٺندي فرمايو؛ مونکي انهن ٻنهي ڪتابن سان ڏاڍو لڳائو آهي پر اڄ ڏينهن تائين پنهنجي سڄي ڪوشش جي باوجود به مونکي اهي ٻئي ڪتاب هٿ نه آيا آهن، پر هن سفر ۾ اميد آهي ته اهي ٻئي ڪتاب حضرت امام حسين عليه السلام جي توّسل سان ملي ويندا. مرحوم ان ڳالهه کي ڪجھ ڀيرا تڪرار ڪيو؛ ايستائين جو اسان ڪربلا مولا ۾ داخل ٿي وياسين ۽ حضرت امام حسين عليه السلام جي زيارت ڪري ٻاهر آياسين ته عورتن واري پاسي کان اسان هڪ عورت کي ڏٺو ان جي هٿ ۾ ٻه ڪتاب هئا.

محدث نوري چيو: هي ٻئي ڪهڙا ڪتاب آهن؟ ان عورت وراڻيو: هي ٻئي ڪتاب فروخت ڪرڻ لاءِ آهن. جڏهن اسان انهن ڪتابن کي ڏنو ته اهي ٻئي ڪتان اهي ئي هئا جيڪي مرحوم محدث نوري (ره) کي پسند هئا ۽ جنهن جي اسان کي ڳولا هئي.

محدث نوري ان عورت کان پڇا ڪئي ته: انهن جي ڇا قيمت آهي؟ ان عورت وراڻيو: ٻاويهه قرآن.

محدث نوري مونکي چيو: جيڪي تو وٺ پئسا آهن ڏي. اسان سڀ پئسا ملائيا ته ڇهن قرآنن جي قيمت کان وڌيڪ نه ٿيا اسان اهي ئي پيسا ان عورت جي حوالي ڪيا.

مون دل ۾ سوچيو ته: اسان اڃان آيا به مس آهيون ۽ اڃان ماني به نه کاڌي آهي ۽ سڀ جا سڀ پئسا به انهن ڪتابن جي لاءِ ڏئي ڇڏيا آهن پر اسان انهن ڪتابن جا بقايا پئسا ڪٿان آڻينداسين؟

مرحوم نوري ان عورت کي چيو ته؛ اسان سان گڏ اچ. اسان بازار وياسين مرحوم نوري پنهنجو عمامو، عبا ۽ قبا وڪتو پر ان جي باوجود به پئسا گھٽ هئا، وري مرحوم نوري پنهنجي جتي وڪتي. آخر ڪار ٻاويهه قرآن پورا ٿي ويا ۽ اسان اهي پئسا ان عورت کي ڏئي ڇڏيا.

ان کانپوءِ مرحوم نوري وٽ فقط قميص، شلوار ۽ صدريءَ کانسواءِ ڪجھ به نه هيو! مون عرض ڪيو؛ سائين توهان پنهنجو هي ڇا حال ڪري ڇڏيو؟ مرحوم نوري فرمايو؛ هي گھڻو آسان آهي اسان درويش آهيون! اسان انهي حالت ۾ صحن شريف ۾ داخل ٿياسين ته اسان جي ڪجھ دوستن سان ملاقات ٿي. اهي ويا ۽ ڪجھ ڪپڙا کڻي آيا. مرحوم نوري انهن ڪپڙن کي پاتو.

مرحوم محدث نوري شيعه علماء منجھان پنهنجو مٽ پاڻ هجڻ سان گڏوگڏ ثروتمند پڻ هئا. ڳولا ۽ توّسل جي ذريعي انهن ٻن ناياب ڪتابن کي حاصل ڪرڻ لاءِ پاڻ گھٽين ۽ بازارن ۾ عبا، قبا ۽ عمامي کانسواءِ به هلڻ لاءِ تيار هئا ۽ پاڻ ان کي پنهنجي جاه جلال ۽ عزت کان گهٽ نه سمجھيو[1].

 


[1] . معجزات و ڪرامات آئمه اطهار عليهم السلام؛ ص، 72

 

    دورو ڪريو : 2344
    اج جا مهمان : 65141
    ڪالھ جا مهمان : 72005
    ڪل مهمان : 129278698
    ڪل مهمان : 89794864