امام صادق عليه السلام : جيڪڏهن مان هن کي ڏسان ته (امام مهدي عليه السلام) ان جي پوري زندگي خدمت ڪيان هان.
غور ۽ فڪر کان ڪم وٺڻ:

غور ۽ فڪر کان ڪم وٺڻ:

ڪوشش، جستجو، سعي ۽ گھڻو ڪم ڪار ڪرڻ مومنن جي صفتن منجھان آهي. اهي پنهنجي ايمام ۽ ڪامل يقين سان ڪڏهن به بيڪار نه ويهندا آهن بلڪه هميشه ڪم ۽ فعاليت جي ذريعي سان پنهنجي مقصدن تائين پهچڻ لاءِ ڪوشش ڪندا رهندا آهن.

 امير المؤمنين حضرت علي عليه السلام ان حقيقت کي بيان ڪندي هڪ مقام تي فرمايو آهي؛  

 المؤمن قليل الزلل كثير العمل[1].

مومن گھٽ غلطيون ڪندو آهي، گھڻو ڪم ڪار  ڪندو آهي.

با ايمان شخص گھڻو ڪم ڪرڻ جي باوجود به تمام گھٽ غلطيون ڪندو آهي. هي شي پاڻ ان حقيقت جي گواهه آهي ته مومن ۾ سوچڻ ۽ سمجھڻ جون تمام گھڻيون صلاحتون هوندي آهن.

حضرت امام علي عليه السلام فرمائن ٿا:

التدبير قبل الفعل يؤمن العثار[2].

ڪم کي انجام ڏيڻ کان پهريان ان جي باري ۾ غور ۽ فڪر ڪرڻ انسان کي خطائن کان محفوظ رکندو آهي.

هڪ ٻئي روايت ۾ حضرت امام علي عليه السلام انسانن کي هوشياري ڏياريندي فرمائن ٿا:

اِيَّاكَ وَ أَنْ تَعْمَلَ عَمَلًا بِغَيْرِ تَدْبِيرٍ وَ عِلْم[3].

ڪنهن به ڪم کي سوچ ۽ فڪر کانسواءِ انجام ڏيڻ کان پرهيز ڪيو.

امام عليه السلام اجتماعي ڪمن کي انجام ڏين جي سلسلي ۾ فرمائن ٿا:

وَ اجْعَلْ لِكُلِّ إِنْسَانٍ مِنْ خَدَمِكَ عَمَلًا تَأْخُذُهُ بِهِ فَإِنَّهُ أَحْرَى أَنْ لَا يَتَوَاكَلُوا فِي خِدْمَتِك‏[4].

پنهنجي خدمت گذار ماڻهن منجھان هر هڪ لاءِ ڪم معين ڪيو ۽ ان کان اهوئي ڪم وٺو، ڇاڪاڻ ته ائين ڪرڻ ان لاءِ مناسب آهي ته اهي توهان جي خدمت گزاري ڪرڻ ۾ هڪ ٻئي تي ڀروسو نه ڪن.

ان حديث ۾ غور ۽ فڪر ڪرڻ سان معلوم ٿئي ٿو ته اجتماعي ڪمن ۾ غور ۽ فڪر ڪرڻ جي لاءِ هر هڪ فرد جي لاءِ ان ڪم کي معين ڪيو وڃي ۽ ان کان ئي ڪم ورتو وڃي ته جئين ان وٽ پنهنجو ڪم ٻين جي مٿي تي اڇلائڻ جو ڪو به بهانو نه رهي.

پر انسان کي غور ڪرڻ گھرجي ته جيڪڏهن انسان کي توفيق ملي ته ان ۾ انانيت پيدا نه ٿئي ۽ اهو هي به سوچڻ تي مجبور ٿئي ته اهو جيڪو به ڪم انجام ڏئي رهيو آهي اهو ان جي پنهنجي قدرت، توانائي ۽ شخصي ارادي جي ڪري نه آهي. ڇو جو انسان ۾ ارادو خدا جي توفيق سان ئي پيدا ٿيندو آهي.

ان سلسلي ۾ امام محمد باقر عليه السلام فرمائن ٿا:  

فَاجْتَهِدُوا فِي طَاعَةِ اللَّهِ إِنْ سَرَّكُمْ أَنْ تَكُونُوا مُؤْمِنِينَ حَقّاً حَقّاً وَ لَا قُوَّةَ إِلَّا بِاللَّه[5].

جيڪڏهن توهان چاهيو ٿا ته توهان جو شمار حقيقي مومنن منجھان ٿئي ته خدا جي اطاعت ڪرڻ جي ڪوشش ڪريو ڇو ته هر ڪم  جي طاقت فقط خدا جي وسيلي سان ئي ملندي آهي.

جيڪڏهن انسان کي گھڻي توفيق ملندي ته ان کي گھڻي کان گھڻا نيڪ ۽ مشڪل ڪم انجام ڏيڻ گھرجن ۽ ڪڏهن به غرور ۽ تڪبر نه ڪرڻ گھرجي، ۽ هي ڪڏهن به نه سوچن گھرجي ته ان جيڪا خدا جي بندگي ڪئي آهي اها ان جي پنهنجي توانائي جي ڪري هئي. ڇاڪاڻ ته جهڙي ريت امام جعفرصادق عليه السلام فرمايو آهي:

”لا قوّةَ الا بالله“

يعني ڪمن کي انجام ڏيڻ جي قدرت ۽ توانائي نه آهي سواءِ خدا جي وسيلي سان.
بس هي خدا جو خاص ڪرم فقط مومنن ۽ اولياءِ لاءِ ئي مخصوص آهي ۽ اهي خدا جي خاص توفيق جي ڪري ئي عبادت جھڙي سخت ۽ مشڪل ڪمن کي آساني سان انجام ڏيندا آهن.

قرآن مجيد ۾ خدا جو ارشاد آهي:

ما أَصابَكَ مِنْ حَسَنَةٍ فَمِنَ اللَّهِ وَ ما أَصابَكَ مِنْ سَيِّئَةٍ فَمِنْ نَفْسِكَ وَ أَرْسَلْناكَ لِلنَّاسِ رَسُولاً وَ كَفى‏ بِاللَّهِ شَهيداً[6].

توهان تائين جيڪا به نيڪي پهتي آهي اها الله سائين جي طرفان آهي ۽ جيڪا به برائي پهتي آهي اها پاڻ توهان جي نفس جي طرفان آهي.

بس ان ما ثابت ٿيو ته: تمام نيڪين جو خزانو خدا جي بابرڪت ذات آهي ۽ تمام برائن جو سر چشمو انسان جو نفس آهي جيڪو نفساني خواهشن ۽ شيطاني وسوسن جي ذريعي انسان کي گمراهه ڪندو آهي.

 


[1] . غررالحڪم: ص،  89 

[2] . غررالحڪم: ص،  354 

[3] . بحارالانوار؛ ج، 74، ص، 111   

[4] . بحارالانوار؛ ج، 71، ص،143    

[5] . ڪافي؛ ج، 8، ص، 11

[6] . سوره نساءِ آيت 79

 

    دورو ڪريو : 2889
    اج جا مهمان : 43226
    ڪالھ جا مهمان : 72005
    ڪل مهمان : 129234872
    ڪل مهمان : 89751035