امام صادق عليه السلام : جيڪڏهن مان هن کي ڏسان ته (امام مهدي عليه السلام) ان جي پوري زندگي خدمت ڪيان هان.
شڪ ۽ ترديد

شڪ ۽ ترديد

جيڪو انسان شڪ ۽ ترديد ۾ مبتلا هجي اهو نہ رڳو پنهنجي معنوي اهميت کي ڌچڪو رسائيندو آهي بلڪه جيسيتائين اهو شڪ ۽ ترديد جو قيدي هوندو آهي تيستائين توقف ۽ جمود جي حالت ۾ بيٺو هوندو آهي اهوڪڏهن بہ معنوي ترقي نہ ٿو ڪري سگهي. اهو پنهنجي ڇوٽڪاري لاءِ پنهنجي دل مان شڪ ۽ترديد کي ڪڍي ڇڏي.

امام صادق عليه السلام جن فرمائن ٿا ته:

 اُنْفُوا عَنْ نُفُوسِكُمُ الشُّكُوكَ[1].

پنهنجي نفس مان شڪن  کي ڪڍي ڇڏيو.

اهڙيءَ طرح روحاني ۽ معنوي اهميتن کي حاصل ڪرڻ لاءِ ۽ انهن کي محفوظ ڪرڻ لاءِپنهنجي دل مان شڪ ۽ وسوسي کي ڪڍي ڇڏيو.

۽ ايمان ۽ يقين ڪامل حاصل ڪرڻ کان پوءِ پنهنجي عقيدن کي مضبوط ڪرڻ جي ڪوشش ڪريو نہ تہ  پوءِ نہ رڳو توهان جا عقيدا متزلزل ٿيندا بلڪہ آخري زماني جي مصيبتن ۾ بہ شريڪ ٿي ويندوءُ ڇو تہ  شڪ ۽ ترديد هڪ پاسي مصيبتن ۽الله پاڪ جي امتحانن جو سامان گڏ ڪندو آهي تہ ٻئي پاسي شڪ ۽ ترديد ۾ گرفتار ماڻهو ان امتحان ۾ ڪامياب نہ ٿي سڱهندا آهن.

اهلبيت  عليهم السلام جي فرمانن ۽ حڪمن ۾ اسان کي پنهنجي دل مان شڪ ۽ترديد کي ڪڍڻ جو حڪم ڏنو ويو آهي ڇو تہ  شڪ ۽ ترديد ۾ هرو ڀرو وهم ڪرڻ فتنيفساد ۽ مصيبت جو سبب ٿيندو آهي  امام جن مناجات مطيعين ۾ الله پاڪ جي بارگاھ ۾ هن ريت عرض فرمائن ٿا:

وَاَثْبِتِ الْحَقَّ في سَرائِرِنا فَاِنَّ الشُكُوكَ وَالظُّنُونَ لَواقِحُ الْفِتَنِ[2].

پالڻهار اسانجي اندر ۾ حق کي ثابت فرماءِ 1ڇو تہ شڪ ۽ وهم فتنو ايجاد ڪندا آهن

تاريخ جو مطالعو ڪرڻ سان ان حقيقت کي ڏسي سڱهجي ٿو تہ اسلام جي شروعات کان وٺي اڄ تائين جنهن فساد۽ فتني مسلمان معاشري کي گمراھ ڪيو آهي ان ۾ گهڻا ماڻهو اهڙا هيا جيڪي صراط مستقيم جي بابت پنهنجو يقين وڃائي ويٺا هيا ۽ شڪ ۽ ترديد ۾ گرفتار ٿي چڪا هئا.

حقيقت ۾ شڪ ۽ترديد اهڙن فتنن جو وسيلو آهو  جيڪي گمراه ڪندڙآهن ۽ مصيبتن ۾ گرفتار ٿيڻ جو ذريعو آهن شڪ ۽ ترديد سان انسان فتنن ۽ مصيبتن ۾ گرفتار ٿيڻ کان

سواءِ ڱهڻو شڪ ڪرڻ وارن ۽ متزلزل ماڻهن لاءِ بہ فتنن۽ مصيبتن جا سبب گڏ ڪري ٿو.

 


[1] . بحار الانوار :51 / 147

[2] . بحار الانوار :94 / 147

 

 

    دورو ڪريو : 2349
    اج جا مهمان : 33792
    ڪالھ جا مهمان : 58112
    ڪل مهمان : 130213971
    ڪل مهمان : 90287325