امام صادق عليه السلام : جيڪڏهن مان هن کي ڏسان ته (امام مهدي عليه السلام) ان جي پوري زندگي خدمت ڪيان هان.
گناھ:

گناھ:

گناھ ڪرڻ اهلبيت جي حڪمن جي خلاف آهي اها ڳالھہ شرم جوڳي ۽ تباهيءَ جو ڪارڻ آهي . ٿي سگهي ٿو تہ اهو الله پاڪ جي ٻانهن جي بهترين حالتن کي ختم ڪري ڇڏي  انهيءَ ڪري ئي گناھ ڪرڻ نہ رڳو معنوي حالت پيدا ڪرڻ کان روڪي ٿو بلڪہ پهريان کان موجود معنوي حالت ۽ ڪيفيت کي ختم ڪرڻ جي صلاحيت رکي ٿو

دائود رقي چوي ٿو ت: مون امام جعفر صادق عليه السلام کان ٻڌو ته: امام فرمايو:

قالَ سَمِعْتُ اَباعَبْدِاللَّهِ‏ عليه السلام: يَقُولُ اِتَّقُوااللَّهَ، وَلايَحْسُدْ بَعْضُكُمْ بَعْضا،اِنَّ عيسَى بْنَ مَرْيَمَ كانَ مِنْ شَرايِعِهِ السَّيْحُ فِي الْبِلادِ، فَخَرَجَ في‏بَعْضِ سَيْحِهِ وَمَعَهُ رَجُلٌ مِنْ الصَّحابَةِ قَصيرٌ، وَكانَ كَثيرُ اللُّزُومِ‏ لِعيسَى بْنَ مَرْيَمَ، فَلَمَّا اِنْتَهى عيسى اِلَى الْبَحْرِ قالَ: بِسْمِ اللَّه، بِصِحَّةِيَقينٍ مِنْهُ، فَمَشى عَلى ظَهْرِ الْماءِ، فَقالَ الرَّجُلُ الْقَصيرُ حينَ نَظَرَاِلى عيسى جازَهُ: بِسْمِ اللَّه، بِصِحَّةِ يَقينٍ مِنْهُ فَمَشى عَلَى الْماءِوَلَحِقَ بِعيسى، فَدَخَلَهُ الْعُجْبُ بِنَفْسِهِ.فَقالَ: هذا عيسى رُوحُ اللَّهِ يَمْشي عَلَى الْماءِ وَاَنَا اَمْشي عَلَى الْماءِ،فَما فَضْلُهُ عَلَي قالَ: فَرُمِسَ فِي الْماءِ فَاسْتَغاثَ بِعيسى فَتَناوَلَهُ مِنَ‏الْماءِ فَاَخْرَجَهُ، ثُمَّ قالَ لَهُ: ما قُلْتَ يا قَصيرُ؟ قالَ: قُلْتُ: هذا رُوحُ ‏اللَّه ‏يَمْشي عَلَى الْماءِ وَاَنَا اَمْشي، فَدَخَلَني مِنْ ذلِكَ عُجْبٌ.فَقالَ لَهُ عيسى: لَقَدْ وَضَعْتَ نَفْسَكَ في غَيْرِ الْمَوْضِعِ الَّذي وَضَعَكَ ‏اللَّه فيهِ، فَمَقَّتَكَ اللَّهُ على ما قُلْتَ، فَتُبْ اِلَى اللَّهِ عَزَّوَجَلَّ مِمَّا قُلْتَ.قالَ: فَتابَ الرَّجُلُ وَ عادَ اِلَى الْمَرْتَبَةِ الَّتي وَضَعَهُ اللَّهُ فيها، فَاتَّقُواللَّهَ ‏وَلايَحْسُدَنَّ بَعْضُكُمْ بَعْضا[1].

الله کان ڊڄو ۽هڪ ٻي سان ساڙ نہ ڪريوحضرت عيسي ابن مريم  عليه السلام جي شريعت ۾ شهرن جي سياحت ۽ سير ڪرڻ هيو انهن سفرن ۾ هڪ دفعي هڪ ننڍي قد جو ماڻهو بہ انهن سان گڏ هيو جيڪو حضرت عيسي عليه السلام جي ڏاڍو ويجهو هيو.

هلندا هلندا هڪ درياءَ وٽ پهتا حضرت عيسي پنهنجي صحيح ۽ ڪامل ايمان سان ۽ يقين سان بسم الله چئي ۽ پاڻيءَ تي هلڻ لڳوجڏهن ان مرد اهو واقعو ڏٺوان بہ صحيح يقين سان بسم الله چئي ۽ پاڻيءَ تي هلڻ لڳو هلندي هلندي حضرت عيسي تائين پهچي ويوان مرد کي انهيءَ وقت هڪ عجيب حالت کي منهن ڏيڻو پيو جڏهن هن پنهنجي پَرَ ۾ پاڻ کي چيو تہ هي عيسي روح الله آهي  جيڪو پاڻيءَ تي هلي رهيو آهي مان بہ پاڻيءَ تي هلي سگهان ٿو پوءِ ڪهڙي ڳاله آهي  جو هو مون کان وڌيڪ آهي انهيءَ وقت هو پاڻيءَ ۾ ٻڏڻ لڳو ۽ پوءِ  حضرت عيسي کي سڏڻ لڳو حضرت عيسي ان کي پاڻيءَ مان ڪڍيو  ان کي چيائين تون پنهنجي پاڻ کي ڇا چيو هو ؟

هن  پنهنجي پاڻ کي جيڪو چيو هو سو حضرت عيسي کي ٻڌايو.۽ چيائين تہ انهيءَ ڪري آءُ ٻڏڻ لڳو هيس

حضرت عيسي ان کي فرمايو تہ الله پاڪ توکي جيڪو رتبو ڏنو هو تو پنهنجو پاڻ کي ان رتبي کان مٿانهون سمجهو انهيءَ ڪري الله پاڪ توسان دشمني ڪئي ۽ ان رتبي کان بہ ڪيرائي ڇڏيو انهيءَ ڪري الله پاڪ وٽ موٽي وڃ۽ جيڪو ڪجه چيو ٿي ان کان توبه ڪر ،ان مرد انهيءَ محل توبه ڪئي ۽ الله پاڪ جيڪو رتبوپهريان ان کي ڏنو هو اهو ساڳيو ان ٻيهر موٽائي ڏنو. بس الله پاڪ کان ڊڄو ۽ هڪ ٻي سان ساڙ نه ڪريو.

 


[1] . بحار الا نوار:244/73، اصول کافی:306/2

 

 

    دورو ڪريو : 2482
    اج جا مهمان : 45408
    ڪالھ جا مهمان : 58112
    ڪل مهمان : 130237196
    ڪل مهمان : 90298944