امام صادق عليه السلام : جيڪڏهن مان هن کي ڏسان ته (امام مهدي عليه السلام) ان جي پوري زندگي خدمت ڪيان هان.
يقين کي وڃائڻ

يقين کي وڃائڻ

تاريخ جا وَرَقَ اُٿلائڻ سان اسان کي اهڙا گهڻا ماڻهو ملندا جيڪي پنهنجي زندگي جي هڪ حصي تائين يقين رکندا هيا ۽ پوءِ ثابت قدم نہ رهيا انهيءَ ڪري هو پنهنجو ايمان ۽ يقين وڃائي ويٺا.

اهڙن ماڻهن مان هڪ زبير هئو جيڪو پيغمبر جي رحلت کان بعد مولا اميرالموءمنين ۽ اهلبيت عليهم السلام جي دفاع ۾ سڀ کان اڳيان هيو اهومولا اميرالموءمنين علي عليه السلام جي دوستن منجهان هو پر ان جي پُٽن جي وڏي ٿيڻ  سر ئي انهن جي شيطاني وَسِوسَن ان جي ايمان ۽ يقين کي شڪ ۽ ترديد ۾ بدلائي ڇڏيو.۽ پوءِ هو امام علي عليه السلام سان جنگ ۽ بغاوت ڪرڻ تي اچي پهتو.

اميرالموءمنين ان جي لاءِ فرمائن ٿا.

ما زالَ كانَ الزُّبَيْرُ مِنَّا اَهْلَ الْبَيْتِ حَتَّى نَشَأَ بَنُوهُ فَصَرَفُوهُ عَنَّا[1].

زبير هميشه  اسان اهلبيت منجهان هئو پر جڏهن هن جا پُٽ وڏا ٿيا ته انهن هن کي اسان کا ڦيرائي ڇڏيو.

انهيءَ ڪري اسان کي الله پاڪ کان اهڙي يقين جي  دعا گهرڻ کپي جنهن ۾ ڪڏهن بہ شڪ ۽ انڪار پيدا نہ ٿي  امام صادق عليه السلام کان نقل ٿيل جمعي جي دعا ۾ پڙهندا آهيون

اللَّهُمَّ اِنّي اَسْأَلُكَ ايماناً صادِقاً وَيَقيناً لَيْسَ بَعْدَهُ كُفْرٌ[2].

پالڻهار! مان توکان سچي ايمان ۽ اهڙي يقين جو سوال ڪريان ٿو جنهن کان پوءِ ڪفر ۽ انڪار نہ اچي

اهڙيون عبارتون ان ڳاله جون واضح دليل آهن تہ گناه جي ڪري يقين جي حالت  شڪ ۽ ترديد يا ڪفر ۽ انڪار ۾ تبديل ٿي سگهي ٿي يقين جي سرزمين ۾ داخل ٿيڻ وارن کي ان ڳاله جو خيال رکڻ گهرجي تہ نفس اماره ڏاڍو طاقتور آهي جيڪڏهن توهان ٿوري بہ غفلت ڪئي تہ يقين وڃائي ويهندوءُ ۽ شڪ ۽ ترديد يا ڪفر۽ انڪار۾ مبتلا ٿي ويندءُ انهيءَ ڪري پالڻهار کان اهڙي يقين جي دعا گهرو جنهن کان پوء  ڪنهن قسم جو شڪ نہ اچي

انهيءَ ڪري جيڪا دل يقين جي نور  سان منور ٿيل هجي ۽ جيڪو يقين دل ۾ لهي چُڪو هجي گناه جي ڪري ان جو نور گهٽجي سگهي ٿو.۽ هڪ ٻي حالت پيدا ٿي سگهي ٿي انهيءَ ڪري معنوي صفتون رکندڙماڻهو  ڪڏهن بہ پنهنجي دل ۾ وڏائي ۽ آڪڙ پيدا ٿيڻ نہ ڏين ڇو تہ جنهن مالڪ انهن جي دل ۾ يقين جي نعمت وڌي آهي اهو ان نعمت کي وڏائيءَ جي ڪري انهن کان موٽائي وٺڻ جي سگهہ بہ تہ رکي ٿو .

 


[1] . بحار الانوار :28 / 347

[2] . بحار الانوار :90 / 43

 

 

    دورو ڪريو : 2554
    اج جا مهمان : 9844
    ڪالھ جا مهمان : 57650
    ڪل مهمان : 130281262
    ڪل مهمان : 90330871